مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪنداسين، لاڪ ڊائون خطرناڪ وائرس جو حل نه آهي: شبلي فراز

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس وبا کي روڪڻ سميت قومي معيشت جي ترقي لاءِ بهترين حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي ۽ ملڪي معيشت تي لاڪ ڊائون جي خطرناڪ اثرن سبب مڪمل لاڪ ڊائون جي سٽ نٿو سهي سگهي وفاقي وزير چيو ته ڪرونا وائرس هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ وزيراعظم جي سماٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي کي سڄي دنيا ساراهيو آهي شبلي فراز چيو ته حڪومت مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو نه ڪندي ڇو ته هي خطرناڪ وائرس جو حل نه آهي هن اهو به چيو ته ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ نيشنل ڪمانڊ آپريشن سينٽر جي اجلاسن دوران سمورا فيصلا ڌرين جي اتفاق راءِ سان ڪيا ويا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *