مڪاني چونڊون اڄ ٿيندون، سنڌ ۾ 65 ۽ پنجاب ۾ 73 سيڪڙو پولنگ اسٽيشن حساس ۽ انتهائي حساس قرار

اسلام آباد/لاهور / ڪراچي (اين اين آءِ) پنجاب جي 12 ۽ سنڌ جي 8 ضلعن ۾ اٽڪل 10 سالن کانپوءِ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ ميدان اڄ ڇنڇر تي لڳندو، ٻنهي صوبن ۾ پولنگ واري ڏينهن مقامي سطح تي عام موڪل هوندي، اليڪشن ڪميشن جي ضابطي اخلاق مطابق ٻنهي صوبن ۾ اميدوارن لاءِ چونڊ مهم هلائڻ جو وقت ختم ٿي ويو، مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ پولنگ صبح ساڍي ستين وڳي شروع ٿيندي، بنا ڪنهن وقفي جي شام ساڍي 5 وڳي تائين جاري رهندي، ووٽ وجهڻ لاءِ اصل سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ لازمي هوندو، مدي خارج سڃاڻپ ڪارڊ قابل قبول، پاسپورٽ پورٽ، ڊرائيونگ لائنسن يا نادرا جي رشيد تي ووٽ نٿو وجهي سگهجي. سنڌ جي 65 سيڪڙو ۽ پنجاب جي 73 سيڪڙو پولنگ اسٽيشن جي حساس ۽ نهايت حساس قرار ڏنو ويو آهي، پنجاب ۾ امن امان جي پس منظر ۾ رينجرز ۽ پاڪ فوج ڪوئيڪ ريسپانس طور فورس مقرر ٿيندي، اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب ۽ سنڌ ۾ ميڊيا تي اڻ تصديق ٿيل نتيجا نشر ڪرڻ جي پابندي لڳائي وئي آهي، پنجاب جي 12 بلدياتي ادارن ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي 16 اميدوار بنا مقابلي چونڊجي چڪا آهن، جڏهن ته 6360 اميدوار ميدان ۾ آهن، جنرل ڪونسل جي سيٽ تي 758 بنا مقابلي ڪيامياب، جڏهن ته 33 هزار 794 اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو، سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 707 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، 8 ضلعن ۾ ساڍا 14 هزار جي لڳ ڀڳ اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو. ٻئي پاسي سنڌ جي 8 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ به پولنگ اڄ ڇنڇر 31 آڪٽوبر تي ٿيندي جنهن ۾ 46 لک کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا جن ۾ اڌ عورتون آهن سنڌ صوبي ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 707 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن 8 ضلعن ۾ ساڍا 14 هزار جي لڳ ڀڳ اميدوارن ۾ هاڻي مقابلو ٿيندو صوبائي اليڪشن ڪميشن مطابق 8 ضلعن جون 2333 سيٽن تي 15 هزار 784 اميدوار هئا جن ۾ 1300 جا فارم رد ٿي ويا جڏهن ته 3 هزار جي لڳ ڀڳ اميدوار نامزدگين کان دستبردار ٿي ويا سکر مان 39 خيرپور مان 53 گوٽڪي مان 189 جيڪب آباد مان 128 ڪشمور مان 118 قمبر مان 50 لاڙڪاڻي مان 38 ۽ شڪارپور مان 92 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن جن ۾ گهڻائي حڪمران پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي آهي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن دوران حساس علائقن ۾ فوج گشت ڪندي ۽ فوج کي سول انتظاميا جي مدد جا اختيار به ڏنا ويا آهن. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن  مڪاني چونڊن جي انتظامن جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ 4019 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن، جن مان گهڻين حساس پولنگ اسٽيشنز جو انگ 1053 جڏهن ته حساس پولنگ اسٽيشنز جو انگ1557آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 46 لک 17 هزار 24 آهي. سنڌ ۾ 8 ضلعن ۾ 2333 سيٽن تي چونڊون ٿي رهيون آهن، جن تي 10 هزار 87 اميدوار هڪٻئي جي مقابلي ۾ هوندا.پنجاب جي حوالي سان ڳالهائيندي بابر يعقوب جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ معاملا ٺيڪ هلي رهيا آهن. پنجاب جي 12 ضلعن ۾ 16 هزار 266 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن. پنجاب ۾ 3 هزار 551 پولنگ اسٽيشنز گهڻيون حساس ،جڏهن  ته 8300 حساس آهن. هن ٻڌيو ته امن امان جي خراب صورتحال  تي فوج پوليس اسٽيشن جي اندر وڃي سگهندي.سندس چوڻ هو ته چونڊ مهم ختم ٿيڻ کانپوءِ به قانون جي ڀڃڪڙي تي ايڪشن کنيو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *