مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي ثابت ٿي ته ٻيهر چونڊون ڪرائينداسين: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته خيبرپختواهه ۾ مڪاني چونڊن جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي هئي. ڌانڌلي ٿي ته اليڪشن ٽربيونل قائم ڪيا وڃن. ڌانڌلي ثابت ٿي ته ٻيهي اليڪشن ڪرائينداسين. خيبرپختونخواهه پوليس بااختيار ۽ آزاد آهي. ميان افتخار جي گرفتاري پويان ڪوبه سياسي مقصد ناهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته خيبرپختنخواه جي مڪاني چونڊن ۾ سمورا ختيار اليڪشن ڪميشن کي منتقل ڪري ڇڏيا هئا. جيڪڏهن ڌانڌي ثابت ٿي ته اليڪشن ٽربيونل قائم ڪيا وڃن جيڪي 4 مهين بجاءِ هڪ مهيني ۾ فيصلو ٻڌائين. ڌانڌلي ثابت ٿي ته ٻيهر اليڪشن ڪرائينداسين. عمران خان چيو ته ميان افتخار جي گرفتاري ۾ تحريڪ انصاف جو ڪوبه ڪردار ناهي. پوليس بااختيار ۽ آزاد جانچ ڪري رهي آهي. عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس سنڌ پوليس ناهي جيڪا ڪنهن جي خلاف ۽ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪئي وڃي. عوام ڄاڻي ٿو ته ڪير ملڪ ۾ دين جي خدمت ڪري رهيو آهي ۽ ڪير دين کي استعمال ڪري رهيو آهي. عمران خان چيو ته نادرا چيئرمين تي حڪومتي دٻاءُ آهي جنهن سبب هو پرڏيهه هليو ويو. اليڪشن ڪميشن اين اي 122 جي معاملي تي فيصلو آر يا پار ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *