مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو ويندو:پرويز مشرف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آل پاڪستان مسلم ليگ مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پرويز مشرف جو چوڻ آهي ته مڊٽرم چونڊون ٿي سگهن ٿيون ۽ نگران سيٽ اپ به اچي سگهي ٿو. ڪراچي ۾ پرويز مشرف جي سربراهي ۾ آل پاڪستان مسلم ليگ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس دوران پرويز مشرف چيو ته ملڪ تباهي ۽ بدحالي ڏانهن وڌي رهيو آهي، اهڙي حالت ۾ مڊٽرم چونڊون به ٿي سگهن ٿيون ۽ نگران حڪومت به قائم ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته هــُو اڄ جيڪو ڪجهه به آهن پاڪستان جي ڪري آهن، ايمانداري سان ذريعا استعمال ڪيا جنهن سان ملڪ ترقي ڪئي، سياسي طور تي ڪنهن سان برابري ڪرڻ ان جي توهين آهي. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته کين ملڪ اندر تبديلي، نظام ۾ تبديلي سان گڏ آڻڻي آهي، هــُو اهڙو جمهوري نظام چاهين ٿا جيڪو خوشحالي آڻي. پرويز مشرف، مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو ته تنظيم سازي کانسواءِ ڪا به جماعت اڻپوري آهي. بعد ۾ آل پاڪستان مسلم ليگ جي ورڪرز ڪنويشن کي خطاب دوران اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته 2013ع ۾ ڏيهه واپسي بعد سندس ارادو هو ته تبديلي لاءِ ڪم ڪندڙن کي متحد ڪري عوام کي ٽيون سياسي آپريشن فراهم ڪيو وڃي پر ايئن نه ٿي سگهيو ۽ مٿس سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪرايا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *