مڪاني چونڊن ۾ هارائڻ تان عارف علوي ۽ علي زيدي عهدن تان استعيفا ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي ناڪامي تي علي زيدي ۽ ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي عهدي تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن، ٻنهي اڳواڻن پنهنجي استعيفائون پارٽِي چيئرمين عمران وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي زيدي ۽ ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ناڪامي تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تحريڪ انصاف جي سينٽرل ڪاميٽي جي اجلاس ۾ استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، علي زيدي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ ناڪامي تي عمران خان کي استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن هاڻي هو قبول ڪري يا نه ڪري ان جو اختيار آهي، اسان پنهنجي ناڪامي قبول ڪريون ٿا، ٻي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن جون استعيفائون پهچي ويون آهن، انهن کي منظور ڪرڻ يا رد ڪرڻ جو اختيار چيئرمين عمران خان کي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *