مڪاني چونڊن کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ 81 ڪائونسلز تي چونڊون ملتوي ڪرڻ پ پ کي عوامي حمايت کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش آهي:آصف علي زرداري

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف، پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪندڙ  چئن دهشتگردن جون رحم واريون اپيلون رد ڪرڻ جي سفارش ڪندي چيو آهي ته پشاور سانحي بعد پاڪستان تبديل ٿي ويو آهي، قوم جي خواهش آهي ته دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو وڃي. پي ايم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم نواز شريف آئين جيآرٽيڪل 105 تحت صدر ممنون حسين کي سفارش ڪئي آهي ته پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن جون رحم واريون اپيلون رد ڪيون وڃن. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته پشاور سانحي بعد پاڪستان تبديل ٿي ويو آهي، پارليامينٽ ۽ سموري قوم گڏجي ملڪ مان دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ جو عزم ورجايو آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن ضرب عضب جاري آهي. نواز شريف چيو ته قوم جي خواهش آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي سزا ملڻ گهرجي، ان ڪري دهشتگردن جون رحم واريون اپيلون رد ڪيون وڃن. واضح رهي ته فوجي عدالت، پشاور سانحي ۾ ملوث 4 دهشتگرد کي موت جي سزا ٻڌائي چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *