مڪاني چونڊن لاءِ تيار آهيون، انتطام اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏCM [PHOTOي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته مڪاني چونڊن جو بندوبست اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ئي ڪرڻو آهي، اسين ان لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون، غريب هارين کي 20 سالن لاءِ ليز تي زمينون ڏنيون وينديون، ڌرڻن جا ملڪ ۽ جمهوريت تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان ٻوڏن، برساتن ۽ ڏڪار سبب بحرانن جو منهن ڏسڻو پيو پر مخالفن مان ڪنهن به سنڌ جي ماڻهن جي دادرسي نه ڪئي، اها فقط پاڪستان پيپلزپارٽي هئي جنهن ماڻهن جي هن مشڪل گهڙي ۾ مدد ڪئي. اهڙو اظهار هن خميس ڏينهن شام جو پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ش/هنشاهه جي رهائشگاه تي سينيئر صحافين ۽ ايڊيٽرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته پيپلزپارٽي بيروزگار نوجوانن کي روزگار، فني تربيت، هارين کي زمينون ڏيڻ ۽ غريبن جي مالي مدد فراهم ڪرڻ جي پروگرامن تي عمل ڪري غريبن جي وسيلن ۾ اضافو ڪيو آهي. پيپلزپارٽي گذريل حڪومتي دور ۾ 3 لک نوجوانن کي سڌو روزگار ۽ هڪ لک 80 هزار بيروزگار نوجوانن کي فني تربيت فراهم ڪرڻ کان علاوه نوجوانن کي پاڪستان ايئرفورس ۾ ڀرتي ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ٻه وڏا تربيتي ادارا هڪ نوابشاهه ۽ ٻيو پنوعاقل ۾ قائم ڪيا، ائين نوجوان فوج ۾ روزگار جا موقعا حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماڻهو روزگار جي معاملي ۾ فقط پيپلزپارٽي مان ئي اميد رکن ٿا. هن چيو ته بيروزگاري ۽ غربت سنڌ جو وڏو مسئلو آهي ۽ پي پي پي جي حڪومت غربت گهٽائڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن. هن چيو ته هاڻ اسين گڊو کان شاهه بندر تائين سنڌ جي ڪچي جي علائقي جي سرڪاري زمين غريب هارين کي 20 سالن لاءِ ليز تي ڏيڻ جو پروگرام ٺاهي رهيا آهيون. سنڌ جي وڏي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آئين جي آرٽيڪل اي – 140 تحت مڪاني چونڊون ڪرائڻ صوبائي حڪومت جي ذميداري آهي پر اليڪشن جو بندوبست اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ڪرڻو آهي. هن چيو ته مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ گهربل سڀ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جن ۾ تڪبندي به شامل آهي. هن چيو ته اهو ڪم اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ وفاق جو آهي ته هو ڪڏهن اليڪشن ڪرائن ٿا، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت مڪمل طور تي تيار آهي. هن چيو ته ٿر ۾ ڏڪار کان متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ گذريل 3 سالن کان ماڻهن ۾ مفت ڪڻڪ ورهائي پئي وڃي جڏهن ته ٿر جي ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر بنائڻ لاءِ پڻ اهم قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ٻوڏن، برساتن ۽ ڏڪار جهڙين قدرتي آفتن دوران مخالفن مان ڪنهن عوام جي دادرسي نه ڪئي. هن چيو ته 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جو وڏو جلسو ٿيندو، جيڪو ماضي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو. وڏي وزير ڌرڻن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڌرڻا هڻڻ جي اصل مقصدن جي ڌرڻا هڻندڙ پارٽين ۽ ليڊرن کي ئي خبر هوندي، جيستائين ڌرڻن جو تعلق آهي ته ان سان ملڪ ۽ جمهوريت تي هاڪاري اثر نه پيا پون .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *