مڪاني چونڊن دوران هر صورت ۾ امن برقرار رکيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر سنڌ جي وڏي وزير قائن علي شاهه کي صوبي جي 14 ضلعن ۾ اڄ ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي حوالي سان کنيل سيڪيورٽي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ذريعن مطابق ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سنڌ سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ئيي. ملاقات دوران اڄ خميس تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن دوران امن امان ۽ سيڪيورٽي انتظامن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر 14 ضلعن ۾ رينجرز اهلڪارن جي مقرري جي حوالي سان وڏي وزير کي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته مڪاني چونڊن جي موقعي تي سي ڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ امن امان جي صورتحال کي هر صورت ۾ برقرار رکيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *