مڪاني چونڊن دوران فوج مقرر ڪرڻ بابت غور ڪيو ويو پر هن وقت تائين فيصلو نه ٿي سگهيو آهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن دوران فوج مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي الڪيشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ٽن ڏينهن اندر قانون سازي نه ڪئي وئي ته آرڊيننس جاري ڪيو ويندو. مڪاني چونڊن بابت الڪيشن ڪميشن جي اجلاس ۾ سيڪورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آءِ جي اسلام آباد بريفنگ ڏيندي چيو ته مڪاني چونڊن ۾ سڪيورٽي لاءِ پوليس جي نفري تمام گهٽ آهي. آءِ جي اسلام آباد طاهر اسلم چيو ته مڪاني چونڊن دوران ايف سي ۽ پوليس جي وڌيڪ نفري گهربل آهي. هن چيو ته سڪيورٽي لاءِ 10 هزار وڌيڪ پوليس اهلڪار گهربل هوندا. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ هو ته مڪاني چونڊن دوران فوج مقرر ڪرڻ بابت غور ڪيو ويو پر هن وقت تائين فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته اسلام آباد جي مڪاني چونڊن لاءِ 8 سئو پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته مڪاني چونڊن ۾ 6 لک 80 هزار 455 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق ادا ڪندا. هن چيو ته جنرل ڪائونسل لاءِ هڪ هزار 995 اميدوار ميدان تي آهن، جڏهن ته چيئرمين ۽وائس چيئرمين لاءِ574 اميدوار  مقابلو ڪندا. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ هو ته مڪاني چونڊن لاءِ عملو تعليم کاتي کان طلب ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *