مڪاني چونڊن جون تياريون: سپريم ڪورٽ سنڌ ۽ پنجاب کي مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن کي مڪاني چونڊن جي حوالي سان تيارين لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن بابت رپورٽ جمع ڪرائي. رپورٽ ۾ عدالت کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته ٻئي صوبائي حڪومتون مڪاني چونڊن خاطر جلد تڪبندين لاءِ قدم کنيا ويندا. اليڪشن ڪميشن اختيارين جو چوڻ هو ته ڪينٽومينٽ بورڊ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ آئيني مسودو ملي ويو آهي. عدالت، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي تيارين لاءِ هڪ مهيني جي ملهت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته عدالت چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي مقرري بعد داخل درخواست به اڪلائي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *