مڪاني ادارن جي نمائندن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جو ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن جي نمائندن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ  ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ڪراچي ۾اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو احتجاج ڪيو آهي، ڪراچي لاءِ نامزد ميئر وسيم اختر چيو آهي ته آصف زرداري مڪاني ادارن ۾ رڪاوٽون نه وجھي ٻي صورت ۾ کيس دبئي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪرڻي پوندي. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن صوبائي اليڪشن

آفيس آڏو وسيم اختر، خواجه اظهار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي وسيم اختر چيو ته ڪي ايم سي جا آفيسر سنڌ حڪومت جا حڪم نه مڃن ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪرپشن لاءِ ٺيڪا ڏئي رهيا آهن. وسيم اختر  چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کان چونڊيل نمائندن کي اختيار ڏيارڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته آصف زرداري رڪاوٽون نه وجهي ۽ ڪراچي جي مينڊيٽ کي تسليم ڪري ٻي صورت ۾ کيس دبئي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪرڻي پوندي. وسيم اختر چيو ته چونڊيل نمائندن کي حلف کڻائڻ تائين ايڊمنسٽريٽرز جي اختيارن کي معطل ڪيو وڃي. خواجه اظهار چيو ته ڪرپشن لاءِ ٺيڪا ڏيڻ جو سلسلو روڪيو وڃي نه ته راهه ۾ رڪاوٽ بڻجنداسين. هن چيو ته سپريم ڪورٽ مڪاني چونڊون ڪرايون اها چونڊيل نمائندن کي اختيار ڏياري ۽ جيڪڏهن چونڊيل نمائندن کي اختيار نه مليا ته سنڌ اسيمبلي جو اجلاس به هلڻ نه ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *