مڪاني ادارن جي تباهي پرويز مشرف دور کان شروع ٿي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ سرڪاري زمين بحريا ٽائون ۽ ٻين هائوسنگ اسڪيمن کي ڏيڻ، مڪاني ادارن جي فنڊز جي غلط استعمال خلاف ٺهراءَ رد ڪيا ويا، متحده ايم پي اي هير سوهو کي ڪمند جي اگهه تي ٺهراءَ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي، جڏهن ته ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير خلاف ٺهراءَ منظور ڪيا ويا.سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران نوازليگ ايم پي اي سورٺ ٿيٻو سرڪاري زمين، بحريا ٽائون ۽ ٻين هائوسنگ اسڪيمن کي ڏيڻ خلاف ٺهراءَ پيش ڪيو، جنهن جي نثارکهڙو ۽ متحده ميمبرن پاران م خالفت ڪرڻ سبب ان کي رد ڪيو ويو. سورٺ ٿيٻو چيو ته سنڌ جي اربين رپين جي زمين ملڪ رياض کي ڏني وئي آهي ۽ هو موٽ ۾ خيرات جي رقم ڏئي احسان جتائي ٿو. اجلاس دوران متحده ايم پي اي هير سوهو ڪمند جي معاملي تي ٺهراءَ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي به نثارکهڙو ۽ ٻين ميمبرن مخالفت ڪئي. مخالف ڌر جي اڳواڻ شهر يار مهر مڪاني ادارن جي فنڊز جي غلط استعمال خلاف ٺهراءَ پيش ڪيو، جنهن به حڪومتي ڌر پاران مخالفت ڪرڻ سبب ان کي رد ڪيو ويو. ٺهراءَ تي ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته مڪاني ادارن جي تباهي پرويز مشرف جي دور ۾ شروع ٿي. هن چيو ته گوسڙو ملازم هوندا ته صفائي ڪير ڪندو ۽ مڪاني ادارن ۾ وڏي پئماني تي ڀرتيون ٿيڻ سبب مسئلا پيش اچي رهيا آهن. فنڪشنل ليگ جي نندڪمارگوڪلاڻي ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ وارو ٺهراءَ پيش ڪيو، جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران متحده جي ارم فاروقي گهڻ ماڙ عمارتن جي اڏاوت کي روڪڻ ۽ محمد حسين اورنگي ٽائون ۾ نادرا جا وڌيڪ سينٽر کولڻ وارا ٺهراءَ پيش ڪيا، جن جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته صوبي ۾ 14سئو کان وڌيڪ عطائي ڊاڪٽرن جي نشاندهي ٿي آهي، جن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *