مڇ ۾ ريلوي ڦاٽڪ تي ٻه ڌماڪا، 4 مسافر مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

ڪوئيٽا (اين اين آءِ) بلوچستان جي شهر مڇ ۾ ريلوي ٽريڪ ۽ جعفرايڪسپريس جي گاڏن ۾ ڌماڪن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا اطلاعن موجب بلوچستا جي علائقي مڇ ۾ ريلوي ٽريڪ ۽ بوگي ۾ ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿيا واقعي کان پوءِ امدادي ٽيمون زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڪيترن جي ڳڻتي جوڳي حالت ٻڌائي ويئي آهي. پوليس موجب ڌماڪو جعفر ايڪسپريس جي بوگي ۽ ريلوي ٽريڪ تي ٿيو جنهن سبب ريلوي ٽريڪ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. اسٽيشن ماسٽر موجب هڪ بم ريلوي ٽريڪ تي لڳل هو ۽ ٻيو بوگي جي اندر هو ڌماڪي کان پوءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڌماڪي جي جڳهه تان شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. ٽريڪ کي نقصان پهچڻ سبب ٻين ٽرينن جي آمدرفت ڪٽجي ويئي وزيراعظم نوازشريف جعفر ايڪسپريس ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ڌماڪن ۾ فوت ٿيندڙن لاءِ مغفرت جي دعا ڪندي واسطيدار اختيارين کي هدايت ڪئي ته ڌماڪي جي ذميوارن کي پڪڙيو وڃي ۽ زخمين کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان به ان بم ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. گهرو وزير چوڌري نثار علي خان بلوچستان جي علائقي مڇ ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي، گهرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جمعي تي مڇ ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملي واري واقعي کي ننديو آهي، هن ڌماڪي سبب قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي ريلوي واري وزير سعد رفيق پتوڪي ۾ ٽرين حادثو ۽ جعفر ايڪسپريس ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڌماڪي ۾ ملوث ماڻهن جو پيڇو ڪري رهيا آهيون ڪنهن کي به نه بخشيو ويندو ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ڪوئيٽا کان راولپنڊي ايندڙ جعفر ايڪسپريس ۽ مڇ ۽ آب ڪم جي وچ ۾ تخريبڪاري جو نشانو بڻايو ويو ڄاڻ موجب جعفر ايڪسپريس ۾ ڌماڪا ٿيا ٻيو ڌماڪو حلڪي نوعيت جو هو پهرين ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا فوت 16 زخمي ٿي پيا ٽرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته ان ٽريڪ تي ٽرين سيڪيورٽي ڪليئرنس جي بغير نه هلندي آهي گذريل ڏينهن انهيءَ علائقي مان هڪ دهشتگرد کي بم نسب ڪندي پڪڙيو ويو جنهن کان سيڪيورٽي ڪليئرنس ملڻ سواليه نشان آهي ۽ ان جي جاچ ڪئي پئي وڃي هن چيو ته اهو هڪ سنگل ٽريڪ آهي ۽ مينوئل طريقيڪار مان ڪم ورتو ويندو آهي سنگل جي ڪوتاهي ۾ جيڪڏهن ريلوي جو ڪوبه ملازم ملوث ڏٺو ويو ته ان جي خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *