مٺي ۾ غذائي کوٽ تباهي مچائي ڇڏي، ٻارڙا فوت،انگ ۸۹ ٿي ويو

مٺي(ويب ڊيسڪ) ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ ۽ پاڻي ڦهلجڻ وارين بيمارين وڌيڪ ۷ ٻارڙن کان حياتي کسي ورتي آهي، جنهن کانپوءِ گذريل ۳ مهينن دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي ۸۹ ٿي ويو آهي. هلندڙ هفتي هڪ مهيني جي حليمان، ۹ مهينن جو دانش، ۳ مهينن جي مکنا سميت تازي ڄاول ٻار مٺي جي سول اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته ۳ ٻارڙا نگر پارڪر ۾ فوت ٿيا آهن، پنهنجي بيمار ٻارڙن کي اسپتال آڻڻ وارن والدين اسپتالن ۾ طبي سهولتن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽرن جي پڻ شڪايت ڪئي. نگر پارڪر جي رهواسين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ۵۰ کان وڌيڪ ٻارڙا پاڻي جي ڪري ٿيندڙ بيمارين جو شڪار بڻيل آهن. وڌيڪ انهن صحت کاتي جي عهديدارن کي اپيل ڪئي ته بيمار ٻارن جي علاج لاءِ موبائل ٽيمون موڪلين. مٺي جي ضلعي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اخلاق احمد مطابق پنج سالن کا گهٽ عمر ۲٦،۷۰۹ ٻار گذريل ۳ مهينن دوران ضلعي جي ٦ مختلف اسپتالن ۾ آندا ويا، جن مان ۸٦ ٻارڙن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ۱۳۵ ٻارڙن کي بهتر علاج لاءِ حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ منتقل ڪيو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *