مٺي ۾ اي ايس آءِ جي گهر مان جوڙي جا ڦاهو ڏنل لاش هٿ، وارثن پارن قتل جو شڪ ظاهر، پوليس تي پٽي ڀائي کي بچائڻ جو الزام

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير)مٺي ۾ پوليس اي ايس آءِ جي جڳھ مان نوجوان ۽ ناري جا پنکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ،وارثن پاران قتل جو الزام،احتجاج،خبرموجب:مٺي شهر جي اولھ فقير پاڙي ۾ پوليس صوبيدار جي رهائشي جاءِ مان سندس بورچي ۽ هڪ نوجوان ناريءَ جا گهر اندر بجلي جي پنکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيا آهن،پوليس صوبيدار جي جڳھ جي پنکي ۾ ٽنگيل ڏيپلو واسي نوجوان 36 ورهين جي ڏونگر ميگهواڙ ۽ سندس سڳي سالي 22 ورهين جي بڀيڪا ميگهواڙ جا لاش هٿ آيا،لاش هٿ اچڻ جي اطلاع بعد پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايا،مليل رپورٽن موجب ته نوجوان ڏونگر ميگھواڙ جي پڀيڪا جي ڀيڻ سان شادي ٿيل آھي،جنهن مان کيس 4 ٻارن جو اولاد پڻ آهي،جڏهن ته نوجوان ۽ ناري جا لاش پنکي ۾ ثنگيل هجڻ توڙي پير فرش کي ويجها لڳل هجڻ ڪري ڪيترائي سوال جنم وٺڻ لڳا آهن،جنهن بعد معاملو ڳجهارت بڻجي ويو آهي،ٻنهي ڄڻن جي ٽنگيل لاش واري جاءِ مان مختلف انجيڪشنن سميت ٻيون نشي آور شيون پڻ هٿ آيون آهن،پوليس کي جوڙي ڏونگر ميگهواڙ ۽ پڀيڪا جي لاشن وٽان 2 مختصر خط پڻ هٿ آيا آهن،هڪ مختصر خط ۾ نوجوان پاران دوستن کي پنهنجي گهر ڀاتين جي پارت ڪرڻ جي اپيل لکيل آهي،ٻئي خط صرف اهو لکيل ته اسانجي موت جو ٻيو ڪوبه ذميوار ناهي،اسان پاڻ پنهنجي مرضي سان سڀ ڪجه ڪري رهيا آھيون،جوڙي جي لاشن جا پير زمين تي کُتل هجڻ ۽ پوليس پاران مختصر خط هٿ اچڻ جي دعوئ بعد واقعو خودڪشي بدران مشڪوڪ بڻيل بڻجي ويو آهي،جوڙي جا لاش مليل گهر جي مالڪ اي ايس آءِ گل محمد ساند کي مٺي پوليس ٿاڻي تي پڇا ڳاڇا لاءُ طلب ڪري واقعي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي،ايس ايڇ او محمد خان زنئور موجب ته واقعي واري جڳھ جي مالڪ  اي ايس آءِ گل محمد کي پڇا ڳاڇا لاءِ گهرايو آھي،پوليس اي ايس آءِکي گرفتار نه ڪيو آھي،هو اسانجي گهرائڻ تي پاڻمرادو آيو آھي،واقعو خودڪشي آھي اسان ڪنهن کي ڇو گرفتار ڪنداسين،پوسٽ مارٽم مٺي سول اسپتال مان ڪرائي جوڙي جا لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آھن،وارثن جي مرضي موجب واقعي بابت ڪارروائي ڪئي ويندي،ٻئي پاسي نوجوان ڏونگر ميگهواڙ ۽ ناري پڀيڪا جي وارثن پاران پوليس اي ايس آءِ گل محمد ساند مٿان قتل جو الزام هڻندي ڪيس داخل ڪري صوبيدار کي گرفتار ڪرڻ تائين لاش کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،جنهن سبب جوڙي جا لاش پوسٽ مارٽم بعد ڪيترن ئي ڪلاڪن کان مٺي سول اسپتال جي مرده خاني ۾ پيل هئا،جوڙي جي وارثن پاران مرده خاني ٻاهران احتجاج ڪيو پئي ويو،ڪيس داخل ڪري صوبيدار کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي،جوڙي جي وارثن موجب ته ڏونگر ۽ سندس ساليءُ پڀيڪا کي قتل ڪري خودڪشي جي ڊرامي خاطر سندن لاش ٽنگيا ويا آھن،قتل ۾ اي ايس آءِ گل محمد ملوث آھي،پوليس آفيسر پنهنجي پٽي ڀائي کي بچائڻ چاهين ٿا،ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته لاش مرده خاني تان کڻي ڪشمير چوڪ تي اڻ اعلانيل مدي تائين ڌرڻو هنيو ويندو،

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *