مٺي ۽ ڇاڇري اسپتالن ۾ نينگري سميت 4 ٻارڙا فوت، انگ وڌي 117 ٿي ويو

ٿرپارڪر(رپورٽر) مٺي ۽ ڇاڇري جي اسپتالن ۾ هڪ نينگري سميت 4 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد 26 ڏينهن دوران حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ 117 ٿي ويو ، ٿرپارڪر ۾ ڏڪار، صحت جي سهولتن جي اڻهوند ۽ بيمارين سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي ۽ ڇاڇري جي اسپتالن ۾ هڪ نينگري سميت 4 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد 26 ڏينهن دوران حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ 117 ٿي ويو آهي. مٺي سول اسپتال ۾ ڳوٺ ڍيڳاريو واسي ٽن ورهين جو ٻارڙو عبدالرزاق پٽ عبدالجبار فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڇاڇري جي تعلقي اسپتال ۾ 10 ورهين جي سليمت رند حياتي وڃائي ويٺي. ٿرپارڪر ۾ 26 ڏينهن دوران ڏڪار، طبي سهولتن جي اڻهوند ۽ بيمارين وگهي حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 117 ٿي ويو آهي. سنڌ حڪومت پاران ٿرپارڪر کي ڏڪار سٽيل ضلعو قرار نه ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي اعلانيل امدادي ڪڻڪ جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *