مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت، انگ 45 ٿي ويو

مٺي (رپورٽر) مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن هلندڙ مهيني مختلف علائقن ۾ ٻارن سميت موت جو تعداد 45 ٿي ويو آهي ٿرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ ڏڪار واري صورتحال اڃان به برقرار آهي، اسلام ڪوٽ،ننگر پارڪر، ڇاڇرو ۽ مٺي سميت ٻين علائقن ۾ خوراڪ جي گهٽتائي کانپوءِ هاڻ ٿڌ ۾ اضافي ٿري ماڻهن کي مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي ٿڌ ۾ اضافي سبب ٻارن ۾ بيماري جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب آئي ڏينهن ڪيترين ئي مائرن جون هنجون اجڙي رهيون آهن، صحت کاتو ته ڏڪار سٽيل علائقن ۾ موجود اسپتالن ۾ اثرائتي طبي سهولت فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آحي پر حقيقت بلڪل ان جي برعڪس آهي جيڪڏهن ڏڪار متاثرن جي علاج لاءِ اسپتالن ۾ سهولتون هجن ها ته شايد قيمتي جانين جو نقصان نه ٿئي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *