مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي داخل وڌيڪ 7 ٻارڙا  فوت

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير) مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي داخل وڌيڪ 7 ٻارڙا  بجلي جي لوڊشڍنگ  ۽ جرنيٽر خراب هجڻ سبب گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا آھن.  جنهن کان پوءُ هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 29 ۽ هلندڙ سال 358 ٿي ويو آھي. تازو فوت ٿيل 7 ٻارن ۾ ھڪ سال جي گوري. اڍائي سالن جي آسيت. 16 ڏينهن جو وڪرم ڪمار. 8 مهينن جي پنشا سميت 3 تازو ڄاول ٻارڙا شامل آھن.   ان ڏس ۾  هڪڙي پاسي علاج جون سهوليتون نٿ هجڻ ڪري اڳ ۾ ئي ٻارن جي موت جا واقعا معمول بڻيل آھن جن تي ضابطو اچڻ مشڪک بڻيل آھي ته ٻئي پاسي ٻن ڏينهن کان شديد گرمي ۾ مسلسل بجلي جي لوڊ شيڊنگ ۽ اسپتال جا جرنيٽر خراب هجڻ ڪري داخل مريضن جو جيئڻ مشڪل بڻجي ويو آھي. معلوم ٿيو آهي ته گذريل ٻن ڏينهن کان سول اسپتال مٺي ۾ بجلي جي لوڊشٽينگ ۽ جرنيٽر خراب هجڻ سبب سڄي اسپتال اونداهه ۾ گهيريل آهي ۽ شديد گرمي سبب مختلف وارڊن نرسري وارڊ، ٻارن جو وارڊ، فيميل وارڊ، ميل وارڊ سميت اوپي ڊي سميت سموري اسپتال ۾ داخل توڙي اوپي ڊي ۾ ايندڙ مريض سخت پريشان آهن ۽ داخل مريض ٻارڙا توڙي وڏا تڙپي رهيا آهن ۽ شديد گرمي سبب ٻارن جي وارڊ ۾ ست ٻارڙا تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا  جيڪي وارث احتجاج ڪندي پنهنجا لاش کڻائي ويا آهن پر ضلعي انتظاميا سميت ڪنهن به چونڊيل نمائندي کي ڪهل نه آئي جو اهي اسپتال پهچي مريضن جي سار لهن، جڏهن ته اسپتال ۾ بجلي نه هجڻ سبب ليبارٽري، ايڪسري مشين، الٽراسائونڊ مشين ۽ ٻيون مشينون نه هلڻ سبب مريض ٽيسٽون ڪرائڻ لاء پريشان آهن ۽ ٻاهر کان ٽيسٽون ڪرائڻ تي مجبور آھن. سول اسپتال مٺي اونداهه ۾ هجڻ سبب سمورو نظام درهم برهم پيل آهي، اسپتال ۾ بجلي نه هجڻ ۽ جرنيٽر خراب هجڻ واري معاملي تي سول سرجن ڊاڪٽر جاويد اقبال چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ڳالهائيندي چيو ته بجلي نه هئڻ ۽ شديد گرمي هجڻ سبب رڳو مريض ڇا اسين به تڙپي رهيا آهيون ٻارڙا مري رهيا آهن اسين به مري وينداسين، هن چيو ته ڪواٽر بجيٽ هئي اها ختم ٿي ويئي آهي ۽ هاڻي پئسا نه آهن ڊي ايڇ او کي چيو آهي حال صحيح نه آهي اها جيڪا ڏسو پيا اهو ڀلين ميڊيا تي لکو، جڏهن ته سول اسپتال مٺي امڪاني طوفان ۽ برسات سبب ضلعي انتظاميا الرٽ جاري ڪندي اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون آهن پر سول اسپتال مٺي ۾ سهولتون نه هئڻ برابر آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *