مٺي سول اسپتال ۽ اسلام ڪوٽ ۾ 3 ٻارڙا فوت

مٺي (رپورٽر) مٺي سول اسپتال ۽ اسلام ڪوٽ ۾ وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن هلندڙ مهيني غذائي کوٽ ۽ ٿڌ سبب ٻارن سميت 43 ماڻهو فوت ٿي ويا ٿرپارڪر ۾ ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت جون سموريون د عوائون ڪنهن به ڪم جون ثابت نه ٿيون آهن مٺي سول اسپتال، ڇاڇرو، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ ۽ ٻين ڏڪار سٽيل علائقن ۾ موت جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، حڪومت جي بيحسي ۽ مقامي انتظاميه جي غفلت سبب ڪيترين ئي مائرن جي جهولي اجڙي چڪي آهي مختلف علائقن ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جي کوٽ جو سلسلو برقرار آهي ٻار هاڻ بک ۽ اڃ کانپوءِ بيمارين کي برداشت نه ٿا ڪري سگهن جنهن سبب موت جو سلسلو وڌندو پيو وڃي ٿر واسي ان ظلم جي باوجود ان اميد سان اسپتالن جو رخ ڪن ٿا ته شايد ڪنهن مسيحا کي انهن تي رحم اچي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *