مٺي اسپتال ۾ وڌيڪ 3 ٻارڙن جون حياتيون کسجي ويون

ٿرپارڪر(م.ڊ) ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٻارن تان موٽ ٽارو نه ڪيو، مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 3 ٻارن جون حياتيون کسجي ويون، ڇاڇري ۾ 15 ڏينهن جو ٻارڙو فوت، اڄوڪي ڏينهن ۾ فوت ٿيل ٻارن جو انگ 4 ٿي ويو.. مٺي جي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٽن ڏينهن جي گيتا، 8 ڏينهن جي سڀاڳي چانڊيو ۽ 5 ڏينهن جو بابو ڀيل فوت ٿي ويا… ڇاڇري جي ڳوٺ تڙ احمد ۾ 15 ڏينهن جو ٻارڙو خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويو آهي. اڄ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت ٿيڻ کانپوءِ چئن مهينن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ 4 سو 14 ٿي ويو آهي. ڏڪاريل ڏيهه ٿر تان موت ٽارو ناهي ڪيو، حڪومتي بي حسي سبب روز ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *