مي ٽو مهم، زال سميت سمورين عورتن جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان: شاهه رخ خان

 

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان مي ٽو مهم تي ڳالهائيندي چيو آهي ته پنهنجي گهرواري گوري خان ۽ پاڻ سان ڪم ڪندڙ عورتن کي تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان. شاهه رخ خان تازو ئي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ بالي ووڊ ۾ هلندڙ ” مي ٽو “ مهم تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مان ٽن شيئن تي يقين رکان ٿو عزت، عزت ۽ عزت . بالي ووڊ بادشاهه چيو ته عزت جو مطلب آهي برابري، منهنجو مطلب سوشل ميڊيا تي هلندڙ ” هيش ٽيگ واري برابري“ نه پر منهنجي عورت دوستن کي به منهنجي ڪمزوري بابت ڄاڻ هئڻ گهرجي، مان پنهنجي زال ۽ پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ عورتن جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان. شاهه رخ خان چيو هو پنهنجي وڏي پٽ آريان کي عورتن جي عزت ڪرڻ جي نصيحت ڪندو آهي، ڪنگ خان پنهنجي زال ۽ ڌيءَ بابت چيو ته منهنجي شادي کي 30 سال گذري چڪا آهن پر مان اڄ تائين پنهنجي زال جو پرس ناهي ڏٺو، منهنجي زال جڏهن منهنجي ڪمري ۾ هوندي آهي مان دروازو کڙڪائي اندر ويندو آهيان ۽ پنهنجي ڌيءَ سان به منهنجو ساڳيو ئي رويو آهي. واضح رهي ته بالي ووڊ ۾ جاري مي ٽو مهم دوران تنوشري دتا سميت ڪيئي بالي ووڊ اداڪارائون جنسي هراساني خلاف آواز اُٿاريو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *