ميگا ڪرپشن اسڪينڊ ۾ وصول ٿيل 265 ارب روپين جا تفصيل اڄ طلب

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ نيب پاران وصول 265  ارب رپين جا سڀاڻي تائين تفصيل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ چيو آهي ته 15 سالن کان التويٰ هيٺ ڪيسز تي  رحم اچي رهيو آهي، نيب کي ڪم ناهي ڪرڻو ته اداري کي بند ڪري ڇڏيو. جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ڏيڍ سئو ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران جسٽس جواد ايس خواجه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٻيهر جمع ڪرايل ترميمي رپورٽ ۾ خانو ۽ شڪايت ڪندڙ جا تفصيل هاڻي ڇو شامل ڪيا ويا آهن، پهرينرپورٽ ۾  مڪمل تفصيل ڇو نه هئا. نيب جي پراسڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڏيڍ سئو ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ 600 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي، جن مان 2 سئو 65 ارب رپيا وصول ڪيا ويا آهن. جسٽس جواد ايس خواجه هدايت ڪئي ته سڀاڻي تائين ٻڌايو وڃي ته ڪيتري رقم رضاڪاراڻي طور تي واپس ٿي آهي ۽ ڪيتري رقم پلي بارگيننگ جي هئي. جسٽس جواد ريمارڪس ۾ چيو ته کيس انهن تي رحم اچي رهيو آهي، جن جا ڪيس 15 سالن کان التويٰ هيٺ آهن، نيب ته هڪ فون ڪال تي ڪيس بند ڪري ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن تي ڪيس ٺهي ٿو ته هلڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ بند ٿيڻ گهرجي. نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته هـُو ماضي جي ذميواري نٿا کڻي سگهن، سندن 2014 واري ڪارڪردگي تي نظر وڌي وڃي. نيب پراسڪيوٽر چيو ته خانگي بينڪ جي مالڪ ميان منشا کي گذريل ڏينهن طلب ڪيو هو، جنهن مهلت طلب ڪئي آهي. نيب پراسڪيوٽر عدالت کي استدعا ڪئي ته کين جواب داخل ڪرڻ لاءِ عيد کانپوءِ جو وقت ڏنو وڃي. عدالت، نيب  جي استدعا رد ڪندي حڪم ڏنو ته وصول ڪيل 265 ارب رپين بابت سڀاڻي تائين تفصيل ڏنا وڃن، جنهن بعد ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *