
ڪراچي (اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ميڊيڪل پينل فاسٽ بالر حسن کي فٽ قرار ڏئي ڇڏيو، ذريعن موجب اڄ ٿيندڙ ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ جي سليڪشن جي لاءِ دستياب ھوندو. خيال رھي تھ حسن علي جي کاٻي ٽنگ ۾ ڇڪ سبب انگلينڊ جي خلاف پھرئين 2 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ شرڪت نھ ڪئي ھئي. ڊاڪٽرن بھ حسن علي کي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ھو. واضح رھي تھ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سريز جي آخري ۽ فيصلائتي ميچ کيڏي ويندي.