ميڊيا جي مالڪن کي پنهنجي ورڪرن جا حق پورا ڪرڻ گهرجن: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته 2014ع جو پاڪستان 2013ع کان بهتر هو ۽ 2015ع ۽ 2016ع جو پاڪستان تمام گهڻو بهتر هوندو، پهرين ڏينهن کان موقف رهيو آهي ته ايگزيڪٽ خلاف جاچ پنهنجي جاءِ تي پر صحافي بيقصور آهن ۽ انهن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بول ملازمن جي پگهارن جو معاملو حل ٿي ويندو، ويج بورڊ ايوارڊ مسئلي تي حڪومت يا ڪارڪن رڪاوٽ نه آهن، مالڪن جا خدشا آهن، هن اهو پيغام ڏيندي چيو ته هو پنهنجا نمائندا ويج بورڊ لاءِ مقرر ڪن ٻي صورت ۾ هڪ طرفو ويج بورڊ جوڙيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه خميس ڏينهن نيشنل پريس ڪلب ۾ پي ايف يو جي ۽ ايپنڪ جي اهتمام هيٺ بول ملازمن ۽ انهن جي گهروارن سان يڪجهتي جي لاءِ منعقد ڪيل پروگرام ۾ خصوصي شرڪت جي موقعي تي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير چيو ته پي ايف يو جي يا پريس ڪلب جي ڪري هتي نه آيو آهيان پر پنهنجي ٻارن ۽ ڀينرن جي لاءِ آيو آهيان، هن چيو ته ايگزيڪٽ جي معاملي تي جاچ جي پهرين ڏينهن به منهنجو اهو بيان اخبارن ۽ چينلن تي شايع ۽ نشر ٿيو ته ايگزيڪٽ جي جاچ جو معاملو پنهنجي جاءِ تي بول سان لاڳاپيل صحافين جي حقن جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان ۾ ڪي ٻٽي راءِ نه آهي. هن چيو ته مون پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ سان گڏجي وزيراعظم جي خصوصي معاون اشتر اوصاف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ بول جي صحافين جي مسئلي بابت قانوني طريقيڪار طئي ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ته جيئن رمضان المبارڪ کان اڳ ان جي ڪارڪنن ۽ سندن خاندانن کي مالي ڏکيائين کان بچايو وڃي ڇو ته اهي بيقصور آهن. هن چيو ته ان جو مثال اهڙي بس جي مسافرن وانگر آهي جن کي ان بس جي حوالي سان حقيقتن جي خبر نه هئي ۽ هو سوار ٿي ويا، تنهن ڪري بس ۽ سوارين جو معاملو جدا جدا آهي. هن چيو ته ماضي ۾ اسان تي جهاز هاءِ جيڪ جا ڪيس ٺاهيا ويا ته اسان ان وقت به عدالتي فيصلن جو احترام ڪيو ۽ تشدد يا بغاوت جو رستو اختيار نه ڪيو پر قانوني طريقيڪار اختيار ڪيو. هن چيو ته اڄ پاڪستان جون حالتون ماضي کان بهتر آهن، 2014ع جو پاڪستان 2013ع کان بهتر هو ۽ 2015ع ۽ 2016ع جو پاڪستان اڃا وڌيڪ بهتر هوندو، صحافين کي انهن جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي نظر ۾ ميڊيا مالڪ ۽ ميڊيا ورڪر برابر آهن، گذريل ٻن سالن ۾ اسان ميڊيا مالڪن جا سمورا مسئلا حل ڪيا ته انهن کي به پنهنجي ڪارڪنن کي شڪايت جو موقعو نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ميڊيا مالڪن کي پيغام ڏيان ٿو ته ويج بورڊ جي حوالي سان پنهنجا نمائندا مقرر ڪن ٻي صورت ۾ هڪ طرفو ويج بورڊ جوڙيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *