ميٽرڪ ۾ بوب نالي ڪلاس فيلو سان محبت ڪندي هيس: پريانڪا چوپڙا

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ۽ هالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا انڪشاف ڪيو آهي ته ميٽرڪ ۾ بوب نالي ڪلاس فيلو سان محبت ڪندي هيس. اهڙو انڪشاف هن پنهنجي ڪتاب ان فنشڊ ۾ ڪيو آهي. پريانڪا لکيو آهي ته جڏهن آئون ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندي هيس ته بوب نالي ڪلاس فيلو سان محبت ٿي وئي ۽ اسين لڪي لڪي ملندا هئاسين. هن مونکي چين به تحفي ۾ ڏني هئي. پريانڪا موجب انهن ڏينهن ۾ آئون پنهنجي چاچي سان گڏ رهندي هيس. هڪ ڀيرو اسين گهر ۾ ٽي وي ڏسي رهيا هئاسين ته چاچي اوچتو گهر اچي وئي جنهن سبب آئون پريشان ٿي ويس ۽ پوءِ مون بوب کي الماري ۾ لڪائي ڇڏيو. چاچي کي شڪ ٿيو ۽ هن الماري کولڻ جو چيو جيئن ئي مون الماري کولي ته بوب پڪڙجي پيو. پريانڪا لکيو ته چاچي فوري طور منهنجي والدا کي فون ڪري سموري حقيقت ٻڌائي ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *