ميهڙ جي ڪچي ۾ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ انڌاڌنڌ فائرنگ،2 عورتون قتل،5 زخمي

ميهڙ (رپورٽر) ميهڙ تعلقي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ انب مگسي ڀرسان بروهي برادري جي  هڪ  ڌر جي هٿياربندن پاران ٻئي ڌر جي گهر تي ڪاهه ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 عورتون قتل، جڏهن تـ ٻن وڌيڪ عورتن سميت 5 ڄڻا پڻ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا. جنهن بعد علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، جڏهن تـ هٿياربندن جي فائرنگ سبب 65 ورهين جي پيرسن عورت مسمات فاطمـ بروهي ۽ 24 ورهين جي زينت خاتون گوليون قتل ٿي ويون. جڏهن مسمات نور خاتون، بيبل خاتون،آصف،احمد ۽ ميرل بروهي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا،جڏهن تـ اهڙو اطلاع ملڻ باوجود ڀنڊ ماڙي پوليس واقعي واري هنڌ 4 ڪلاڪن بعد پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ کانپوءِ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقا اسپتال ميهڙ پهچايا، جتي لاش پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن تـ آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس ڀنڊ ماڙي ٿاڻي تي داخل ناهي ٿي سگهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *