ميهڙ جو ٽيڻو قتل ڪيس: ام رباب ۽ سردار ڀائر ٻيهر آمهون سامهون، سنڌ جا ماڻھو وڏيرن ۽ جاگيردارن جي زيادتين خلاف آواز اٿارين:ام رباب

دادو(م.ڊ) ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس جي دادو جي عدالت ۾ ٻڌڻي جي موقعي تي ام رباب، سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو پيش ٿيا، برهان چانڊيو جو وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب عدالت ٻڌڻي 6 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ام رباب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سردار ڀائر مختلف بهانن سان ڪيس کي اينگهائي رهيا آهن، اڄ برهان چانڊيو جو وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڌڻي ملتوي ٿي وئي. هن چيو ته سردار ڀائرن جو ڀڄڻ ٻڌائي ٿو ته هو قانون جي پڪڙ ۾ اچڻ وارا آهن. ام رباب چيو ته منهنجي گهر ۾ 3 خون ٿيل آهن ۽ اميد آهي ته عدالت مان انصاف ملندو. هن چيو ته عدالت سردار ڀائرن پاران ڪيس کي اينگهائڻ جو نوٽيس وٺي سردار چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي وڪيل جي والد جي طبيعت خراب هئي، جنهن ڪري هو پيش نه ٿي سگهيو. هن چيو ته اسان هر ٻڌڻيءَ تي پيش ٿي رهيا آهيون. سردار چانڊيو چيو ته اسان تي لڳايل الزام بي بنياد آهن، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *