مينڌرسنگهه ڌوني ۽ ويرات ڪوهلي جهڙن ليجنڊ رانديگرن جو منهنجي تعريف ڪرڻ حوصله افزا آهي: محمد عامر

ڍاڪا (اين اين آءِ) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر چيو اهي ته مينڌر سنگهه ڌني ۽ ويرات ڪوهلي جهڙن ليچنڊ رانديگرن جو منهنجي تعريف ڪرڻ حوصله افزا آهي جنهن تي انهن جو ٿورائتو آهيان ڀارت جي خلاف خاص رٿابندي نه هئي صرف جارحاڻي بالنگ ڪرڻ چاهيان پيا ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد عامر چيو ته ٽيم ۽ ڪپتان ڀرپور سپورٽ ڪيو جنهن تي ان جو ٿورائتو آهيان قوم کي درخواست آهي ته منهنجا حوصلا وڌائي ته جيئن وڌيڪ پرفارم ڪري سگهان هن چيو ته ڀارتي رانديگرن پاران واکاڻ حوصلو وڌائڻ جو سبب آهي محمد عامر وڌيڪ چيو ته ڀارت جي خلاف مئچ ۾ ٽارگيٽ گهٽ هو تنهنڪري پلان صرف اٽيڪ ڪرڻ جو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *