ميمو گيٽ اسڪينڊل: حسين حقاني جا ريڊ وارنٽ جاري، گرفتاري جو حڪم

اسلام آباد/واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ /اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ميمو گيٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران حلف جي خلاف ورزي تي آمريڪا ۾ رهندڙ اڳوڻي پاڪستاني سفير حسين حقاني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا خميس تي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٽن ميمبرن واري بئنچ ميمو گيٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران ڊي جي، ايف آءِ اي بشير ميمڻ، سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ته حسين حقاني جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪندي ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ انٽرپول کي خط لکي ڇڏيو آهي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته حسين حقاني عدالت سان ڪيل واعدي جي خلاف ورزي ڪئي آهي ان کان پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ميمو گيٽ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف  آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني چيو آهي ته سياسي بنيادن تي ريڊ وارنٽن جي پرڏيهه ۾ ڪابه اهميت ناهي. سپريم ڪورٽ طرفان ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي حڪم تي رد عمل ظاهر ڪندي حسين حقاني چيو ته  تمام وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت مقامي ٽي وي چئنلز جي کل جوڳي رپورٽس تي يقين رکي ٿي، اهڙي قسم جي سياسي وارنٽس جي پرڏيهه ملڪن ۾ ماضي ۾ به ڪا اهميت نه ملي ۽ هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو.  هن چيو ته مان خير خواهن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه خبرون جي لنڪ شيئر ڪري رهيو آهيان جنهن ۾ سپريم ڪورٽ طرفان اهڙي ريڊ وانٽس جي سنجيدگي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته اهڙن خبرن کي پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهڙي قسم جي ڪوششن سان ڪهڙو فائدو ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *