ميرپورخاص ۾ روڊ حادثو، 2 عورتن سميت 4 ڄڻا فوت، 5 زخمي، حالت نازڪ

ميرپور خاص (اين اين آءِ) ميرپورخاص ۾ ٽريڪ حادثي ۾ ٻن عورت سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 5 سخت زخمي ٿيا ميرپورخاص جرواري رنگ روڊ باءِ پاس چونا فيڪٽري ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت 5 سخت زخمي ٿيا ميرپورخاص ۾ عمر ڪوٽ کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ڪار ۾ خوفناڪ تڪر ۾ 80 ورهين جو حاجي غلام محمد، آمنه زال فتح محمد، 14 ورهين جي صاحبه ڌيءَ فتح محمد ۽ 35 ورهين جو صمد علي فوت ٿي ويو جڏهن ته فتح محمد منور روشنا شهنيلا ۽ مشرف پرويز سخت زخمي ٿي پيا جن کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو سول اسپتال ۾ علاج جي سهولت نه هئڻ سبب زخمين کي طبي امداد ڏيئي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جڏهن ته لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ذريعن مطابق بدنصيب ماڻهن جو تعلق عمرڪوٽ سان آهي جيڪي ڄامشورو ۾ پنهنجي مائٽن جي دعوت تان واپس اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *