
لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ميرا نجي ٽي وي چينل جي مارننگ شو جي پروڊيوسر کي ننهن سان رانبوٽا پائي زخمي ڪري ڇڏيو، رپورٽن مطابق اداڪارا ميرا جڏهن مارننگ شو ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پهتي ته ڪنهن ڳالهه تان پروڊيوسر سان سندس جهيڙو ٿي پيو، جنهن تي هوءَ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي ۽ پروڊيوسر تي حملو ڪري ڏنائين، ميرا وڏن ننهن سان پروڊيوسر کي رانبوٽا پاتا، جنهن سبب سندس ٻانهن زخمي ٿي پئي ۽ رت وهندو رهيو، ان موقعي تي موجود ٻين ماڻهن وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاري ڇڏيو.