ميرا جي فلم هوٽل جي پروموشن، انگريزي ۾ سوال پڇڻ تي ڪاوڙجي پئي

ڪراچي (شوبز نيوز) ميرا فلم “هوٽل” جي پروموشن جي هڪ تقريب ۾ سندس انگريزي متعلق سوال تي ڪاوڙجي پئي. تقريب دوران عورت صحافي سوال ڪيو ته ميرا جي انگريزي ته تمام گهڻي مشهور آهي، ڇا ميرا جي فلم به مشهور ٿيندي؟ اهو سوال اداڪاره کي خاص پسند نه آيو، جنهن سبب ماحول اڻ وڻندڙ ٿي پيو ۽ هن چيو ته رڳو انگلش ۾ ڪيل سوال جو جواب انگريزي ۾ ڏيندي هن چيو ته اوهان جو چينل اردو ۾ آهي، جڏهن اهو چينل انگلش ۾ ٿيو، تڏهن انٽرويو ۾ ڏينديس. هن چيو ته پاڪستاني اسٽارز کي ملڪ کان ٻاهر عزت ملي رهي پر ملڪ ۾احترام ناهي، هن چيو ته پاڪستانين کي گهر ته هو پنهنجي اسٽارز جي عزت ڪن، سندن مذاق نه اڏائن. ن چيو ته جيڪڏهن هو ڀارت ۾ هجي ها ته کيس گهڻي عزت ملي ها. خيال رهي ته پنهنجي “گلابي انگريزي” سبب مشهور اداڪاره ميرا اڄڪلهه پنهنجي فلم “هوٽل” جي پروموشن ۾ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *