ميان چنو ۾ رستو نه ڏيڻ تي ٻن گروپن ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا مارجي ويا

ميان چنو(مانيٽرنگ ڊيسڪ) روٽلا ۾ کيٽن ۾ ويندڙن کي رست نه ڏيڻ تي ٻن گروپن ۾ جهيڙي ۾ 2 عورتن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا آهن . ميان چنو جي علائقي روٽلا ۾ حافظ بلال راجپوت ۽ حافظ ڪريم سکيرا وچ ۾ گهڻي عرصي کان رستي جي معاملي تي تڪرار هلير هيو هو گذريل ڏينهن ٻنهي خاندانن وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي جيڪا شدت اختيار ڪري وئي ۽ ٻنهي گروپن ۾ ٽڪراءُ ٿيو. فائرنگ ۾ 4 ڄڻا موقعي تي مارجي ويا جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا، زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي اُهيزخمن جا سور نه سگهندي فوت ٿي ويا. مارجي ويلن ۾ حافظ ڪريم سندس 3 ڀائر حافظ سعيد، غلام ۽ ماسٽر مقبول کانسواءِ سندس امڙ ۽ حافظ سعيد جي زال شامل آهي جڏهن ته مخالف گروپ جا 2 ڄڻا مارجي ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته لاشن کي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي پر علائقي ۾ اڃا به ڇڪتاڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *