ميان چنون ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 6 ماڻهو فوت

ميان چنون(اي پي پي) ميان چنون جي علائقي ۾ زهريلو کاڌو سبب 6 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ هڪ ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي. پي ٽي وي رپورٽ مطابق ميان چنون جي پسگردائي واري علائقي 15 ايل ۾ زهريلو کاڌو کائيندڙ 6 ڄاڇي فوت، جڏهن ته هڪ ٻارڙي جي حالت خراب ٿي وئي. پوليس مطابق فوتين ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار به شامل آهن. جڏهن ته ٻارڙي کي سول اسپتال ميان چنون منتقل ڪرائنيدي واقعي جي جاچ ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته اها ڄڃ حاصل پور مان واپس آئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *