ميان صاحب پاڪستان جو عوام اوهان مان ڇوٽڪارو چاهي ٿو: بلاول ڀٽو زرداري

ڳڙهي خدابخش (اين اين آءِ) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اليڪشن لاءِ تيار آهيون، ملڪ کي نااهل بزدل، ڪرپٽ حڪمرانن کان نجات ڏيارڻ جو وقت اچي ويو آهي، حڪومت کي قومي سلامتي جي نه پر پاناما جي پريشاني آهي، عوام ميان صاحب ۽ سندس ننڍي ڀاءُ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، اسان جي مٿان هڪ ظالم حڪمران آهي جنهن ملڪ کي تباهي ڏانهن ڌڪيو آهي، حڪمران ٻڌائين ته ڪٿي کير ۽ ڪٿي ماکيءَ جون نهرون وهايون ويون آهن عوام شهباز شريف کي پنجاب مان ڪڍي سڪون وٺندو. ميان صاحب تمام خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، پ پ اها راند کيڏڻ نه ڏيندي، اڄ ڏينهن تائين نه ڀٽو ۽ نه وري ڀٽو جي وارثن کي انصاف ملي سگهيو آهي عوام تيار آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي نه ٿي سگهي، نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ڪرڻ جو سبب فوجي عدالتن جي ضرورت پئي، سمورن معاملن کي ڏسڻ لاءِ پارلياماني نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جوڙي وڃي، اڱاري تي ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي اڄوڪي ڏينهن جمهوريت جي باني کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو اڄوڪي ڏينهن تي گڏيل آئين ۽ عوامي حاڪميت جو تصور ڏيڻ وارن کي ڦاهي ڏني وئي اڄوڪي ڏينهن تي قوم جي مظلوم ليڊر کي ڦاهي ڏني وئي اڄ سڄي قوم ڏک ۾ ورتل آهي. 30 سال گذرڻ کانپوءِ به ڀٽو جو نالو عوام کي ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو اڄ به هر زبان تي هڪ ئي سوال آهي ته ڀٽو کي ڇو ڦاهي تي چاڙهيو ويو اڄ هر ٻار ڄاڻي ٿو ته ڀٽو جو ڏوهه اهو هو ته هن عوام سان سچو عشق ڪيو، ڀٽو عوام کي طاقت بخشي،پاڪستان کي آزاد پرڏيهي پاليسي ڏني، ڀٽو سامراجي غلاميءَ کان نجات ڏياري پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، اڄ ڏينهن تائين نه ڀٽو کي انصاف ملي سگهيو ۽ نه ئي وري ڀٽو جي وارثن کي؟ هن چيو ته ٻه سال گذرڻ باوجود به ڇو فوجي عدالتن جي ضرورت پئي آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ڪرڻ سبب فوجي عدالتن جي ضرورت پئي. نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ۽ پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو، پارلياماني نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا سمورن معاملن کي ڏسي. هن چيو ته حڪمرانن کان ڪا سٺي اميد نه رکون، ميان صاحب ۽ ن ليگ ملڪ ۾ ترقيءَ جو راڳ ڳائي رهيا آهن، ترقي ترقي ۽ ترقي، پر مان پڇان ٿو ته ترقي ڪٿي ٿي آهي؟ اها ڪهڙي ترقي آهي جيڪي اشتهارن ۾ ٿي رهي آهي، نام نهاد ترقي جي نالي تي اربين رپيا اشتهارن تي خرچ ڪري بيوقوف بڻايو پيو وڃي، ميان صاحب توهان پنهنجوپاڻ کي بيوقوف بڻائي سگهو ٿا پر 20 ڪروڙ عوام کي نه ؟ جيڪڏهن ترقي ٿي رهي آهي ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو ڇو نه ٿو حاصل ڪيو وڃي جيڪڏهن ترقي ٿي آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ کانپوءِ گئس جي لوڊشِيڊنگ ڇو وڌي وئي آهي، منافعو ڏيندڙ ادارن کي ڇو وڪرو ڪيو پيو وڃي، ترقي ٿي رهي آهي ته ملز ۽ ڪارخانا ڇو بند ٿي رهيا آحن، ڇو غربت ۾ واڌ ٿي رهي آهي، مزدور بک تي ڇو سمهي رهيو آهي، جيڪڏهن واقعي ترقي ٿي رهي آهي ته ننڍن صوبن ۾ احساسي محروم ڇو وڌي رهي آهي ميان صاحب پاڪستاني عوام توهان کان ۽ پنجاب جو عوام توهان جي ننڍي ڀاءُ کان نجات حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پنجاب ۾ اسان جي ٻن اڳواڻن تي قاتلاڻا حملا ڪيا ويا، بابر بٽ کي گهر ۾ گهڙي قتل ڪيو ويو، شهباز شريف جيڪو ترشي ٽوپي پائي گڊ گورننس جا بيان ڏئي رهيو آهي کيس ڄاڻڻو پوندو ته عوام توهان کي ڪڍي سڪون جو ساهه کڻندو. بلاول چيو ته ايندڙ سال اليڪشن جو سال آهي ۽ اسان اليڪشن لاءِ تيار آهيون. پارٽي منشور جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، اسان جو منشور هر طبقي خاص ڪري عورتن ۽ نوجوانن جي ڀلائي جو منشور هوندو. هاري کي فصل جي قيمت ۽ مزدور کي صحيح پورهيو ملندو. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هن ملڪ کي نااهل، بزدل ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کان نجات ڏياري وڃي ان لاءِ سڀني کي اٿڻو پوندو، ويهڻو پوندو ۽ گڏ ٿيڻو پوندو. عوام کي دهشتگردي ۽ دهشتگردن  جي يارن سان وڙهڻو پوندو. پاڪستان ترقي پسند، دهشتگردي کان پاڪ ملڪ بڻجندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *