ميان صاحب جي طبيعت خراب ٿي ويندي آهي ته قوم جي چوري ڪيل پئسي مان علاج ڪرائڻ لاءِ پرڏيهه ويندو آهي: عمران خان

لاهور (بيورو) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته ميان صاحب جي طبيعت خراب ٿي ويندي آهي ته قوم جي چوري ڪيل پئسي مان علاج ڪرائڻ لاءِ پرڏيهه ويندو آهي، ملڪ ۾ عوام جي تعليم ۽ علاج جي سهولت تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي.لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ليگي اڳواڻن پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي خيراتي اداري کي نشانو بڻايو، جنهن کي وڻي اسان جا اڪائونٽس چيڪ ڪري سگهن ٿا.هن چيو ته ليگي اڳواڻ پنهنجا ڪرتوت لڪائڻ لاءِ شوڪت خانم اسپتال تي تنقيد ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن حڪومت کي عوام جو واقعي ئي فڪر آهي ته پاناما ليڪس معاملي جي جاچ ڪرائي.عمران خان چيو ته مني لانڊرنگ ڪري آف شور ڪمپنين ۾ پيسو ڏنو ويندو آهي، عوام مٿان ڳرا ٽئڪس لڳائڻ ملڪ سان ناانصافي ڪرڻ آهي.پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته پاناما ليڪس ذريعي ٿيل انڪشافن ۾ پاڪستان جي وزير اعظم جو نالو شامل هئڻ ملڪ سان ظلم آهي، عوام کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *