ميانوالي ۾ بس ۽ ڪنٽينر ۾ ٽڪر،15 مسافر فوت،21 زخمي

ميانوالي(اي پي پي) ميانوالي کان اٽڪل 35 ڪلوميٽر پري هنوئي پوليس ٿاڻي جي حد ۾ مسافر بس ۽ ٽريڪٽر  ٽرالي وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا موقعي تي  اجل جو شڪار ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.  پوليس مطابق  مسافر بس ڪوٽ ادو  کان راولپنڊي وڃي رهي هئي ته سامهون ايندڙ ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا موقعي تي ئي اجل جو شڪار  ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. لاش ۽ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ميانوالي منتقل ڪيو ويو جتي انتظاميه طرفان ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. اسپتال جي ذريعن ٻڌايو ته ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته ٻين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. ڊي پي او ميانوالي صادق اي ڊوگر حادثي واري هنڌ پهچي امدادي ڪاررواين جي نگراني ڪئي. ضلعي حڪومت جي ذريعن مطابق پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف زخمين کي علاج جو بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *