ميئر کي مشرف دور وارا اختيار ڏنا ويا ته سنڌ سرڪار ڇا ڪندي؟: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قائم علي شاهه چيو آهي ته رينجرز جي اختيارن وارو معاملو حل ٿي ويو آهي، اعلان جلد ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ پريس ڪلب جي عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته چوڌري نثار کي رينجرز جي اختيارن وارو معاملو حل ڪرڻ لاءِ سنڌ اچڻو هو پر نه آيو. هن چيو ته رينجرز جي اختيارن وارو معاملو ايترو ڏکيو نه هو جيترو بڻايو ويو آهي. سندس چوڻ آهي ته متحده جو ميئر اڃا چونڊيو ئي نه آهي ته اڳ اختيار گهريا پيا وڃن. وڏي وزير چيو ته ميئر کي پرويز مشرف دور وارا اختيار ڏنا ويا ته سنڌ سرڪار ڇا ڪندي؟.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *