ميئر جي چونڊ لاءِ يوسي ميمبر هجڻ ضروري هوندو، اليڪشن شو آف هينڊز ذريعي ٿيندي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان مشوري کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم جي گنجائش موجود آهي پر هن قانون ۾ ترميم پراڻي آدمشماري سبب نه ٿي سگهي. 17 نومبر تي پارليامينٽ 2013 جي آدمشماري کي منظوري ڪيو جنهن سنڌ جي حقن کي بلڊوز ڪيو. هن چيو ته جيڪو قانون اسان پاس ڪيو ان تي الزامن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ائين پيش ڪيو ويو ڄڻ ته اسان چوري ڪئي هجي. هن چيو ته پراڻي نظام موجب آبادي جي قيام سان يوسين جو انگ وڌي ٿو جنهنکي سنڀالڻ ممڪن ناهي. اسان ان قانون بابت تڪڙ ڪئي ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن کي پهرين ڊسمبر کان اڳ قانون ڏيڻو هو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڳالهه ميڊيا آڏو نه رکجي پر هتي ٿورو وضاحت ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ٿي جنهن ۾ کين تجويز ڪيل قانون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مراد علي شاهه چيو ته گورنر سان ملاقات ٿيندي رهندي آهي جڏهن به اسان کي سڏائيندو آهي ته اسان هليا ويندا آهيون. مون کيس ٻڌايو ته ملاقات کان اڳ ٽي وي تي خبر ٻڌي چڪو آهيان جنهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ملاقات ۾ ڊي ايم سيز جي خاتمي تي اعتراض ڪيو، نون پارٽين تي اعتراض نه آهي پر جماعت اسلامي تي حيران آهيان ته نعت الله صاحب، ناصر شاهه يا علي گوهر مهر، ڪنور نويد جميل جيڪي به هئا انهن تي ان وقت ڪوبه اعتراض نه اٿاريو ويو، اسان ڪنهن کي هٽايو هجي پر انهن سڀني ته وري ان جو فائدو کنيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستاني آئين جي آرٽيڪل 26 موجب اسان ڳجهي ووٽنگ جو بندوبست ڪيو آهي جنهن تي ايڏو گوڙ ڇو آهي؟ جيڪڏهن اپوزيشن شو آف هينڊ چاهي ٿي ته اهو به جهيڙو آهي پر پوءِ به اسان ترميمون ڪيون آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اڄوڪي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيتريون ئي ترميمون منظور ڪيون ويون آهن جيڪي ڇنڇر تي اسيمبلي ۾ پيش ڪندي قانون ۾ تبديل ڪيون وينديون. هن چيو ته اسان شيڊول ۾ ترميم جو اختيار ڪابينا کي ڏيڻ چاهيون ٿا پر ان تي اعتراض ڪيو ويو ۽ واپس ورتو ويو، اهي رڳو اسان کان پڇي وٺن ها ته ٻڌائي ڇڏيون ها پر انهن پڇڻ جي جرئت به نه ڪئي. هن چيو ته اسان ٽيڪس ڊي ايم سيز کان ٽائون ڏانهن منتقل ڪيو آهي. اسان ايڪسائيز ذريعي پراپرٽي ٽيڪس گڏ ڪندا هئاسين پر هاڻي ان کي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، في الحال ان ۾ گهٽتائي جو خطرو آهي ۽ اسان کين واڌو ٽيڪس ڏئي رهيا آهيون، جڏهن اهي ٽيڪس گڏ ڪندا ته خرچ ڪرڻ جو اختيار به کين هوندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 2001 جو هڪ آرڊيننس هو جنهن ۾ سيڪشن 6 آهي جنهن ۾ 20/19 جي آبادي کي وڌائڻ يا گهٽائڻ جي گنجائش آهي ۽ ان سيڪشن جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي جيڪو برقرار آهي.  سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان اپوزيشن جي درخواست تي ٽائون ٺاهيا، ڪراچي وڏو شهر آهي تنهنڪري ضلعي ڪائونسل کي ختم ڪيو ويو آهي، باقي 6 ڊويزنن ۾ ٽائون سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي اسان جي نظام ۾ اسيمبلي ميمبر ٿيڻ کانپوءِ پگهار شروع ٿيندي آهي اسان سندس ميئر ٿيڻ جو مطالبو به قبول ڪيو آهي.  هن چيو ته اسڪولن ۽ اسپتالن يا ٽيچنگ اسپتال انفيڪشن ڊزيز کي سنڌ حڪومت کي هلائڻ جو چيو آهي، ان معاملي تي هاڻي ڪوبه عذر نه ٻڌو ويندو اها صوبي جي ذميواري آهي ۽ ان کي اسان ئي هلائينداسين.  سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان معذرت ڪريون ٿا ته کير جي اگهن کي مقرر ڪرڻ جو اختيار ورتو هو پر اهو کين واپس ڪريون ٿا. بل بابت وضاحت ڪندي مراد علي شاهه چيو ته شيڊول ۾ ترميم جي ضرورت آهي. صحت، تعليم، راندين ۽ چوپائي مال جون اسپتالون اهو سڀ صوبي ڪندو، يونين ڪائونسل هاڻي هر ٽن مهينن بعد ڪارڪردگي رپورٽ ٺاهيندي، يونين ڪائونسل ان جو جائزو وٺي رپورٽ ڪندي. بنيادي صحت، ٽائون اسپتال يا ضلعي ادارن کي اسان هيٺين سطح تي منتقل ڪيو آهي انهن کي رپورٽ ڪنداسين. هر هڪ پوليس اسٽيشن هاڻي يونين ڪائونسل کي رپورٽ ڪندو جنهن تي هو اعتراض ۽ لک پڙهه به ڪري سگهن ٿا.  قانون ۾ نئين ترميم جو حوالو ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هڪ سيڪڙو مخصوص سيٽون معذورن ۽ هڪ سيڪڙو کدڙن کي ڏنيون وينديون. هن چيو ته اسان بااختيار ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، انتظامي مداخلت جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون پر مسجدن ۽ اسڪولن جي نگراني ڪري سگهون ٿا.  هن چيو ته راندين جي مانيٽرنگ ميئر ۽ مڪاني ادارن وارو وزير ڪندو، جيڪڏهن واٽر بورڊ ۽ ويسٽ مئنيجمينٽ جو ميئر چونڊيو ويو ته هو ان جو چيئرمين بڻجي ويندو. بورڊ جي سربراهي ڪمشنر ڪندو هو هاڻي ميئر ڪندو جڏهن ته ڪمشنر ان جي پيروي ڪندو.  سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ڊي سيز جو ساڳيو ئي وهنوار هوندو اهڙي ريت جيڪڏهن عمرڪوٽ جا ماڻهو به ويسٽ مئنيجمينٽ آڻڻ چاهين ٿا ته اتي بورڊ ٺهڻ کانپوءِ انهن جو ئي چيئرمين هوندو. اسان جمهوريت جي ٽئين ٿنڀ کي وڌيڪ بااختيار بڻايو آهي، ڪراچي شهر ۾ 22 ايم اين ايز آهن، ڇا ميئر انهن سمورن تڪن مان وڙهندو؟ هن اليڪشن لاءِ هزارين ڪتاب ۽ بيلٽ پيپر ڇاپيا ويندا. هن چيو ته جيڪڏهن اي وي ايم تي چونڊون ٿيون ته پوءِ مشينون ڪڏهن به جام ٿي سگهن ٿيون جيڪڏهن اهڙي نظام تحت چونڊون ٿيون ته انتظاميه نه هلي سگهندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گورنر سنڌ جو اعتراض حيران ڪندڙ آهي! اسان سڀني مطالبا مڃي ورتا آهن سواءِ هڪ جي جنهن تي هو بيٺل آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اعلان جي بابت سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پيٽرول کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ گيس جي شديد کوٽ آهي، اگهن ۾ غير ضروري اضافو ڪيو ويو آهي، ملڪ مهانگائي جي ور چڙهيل آهي، غريبن جي کيسي تي ڌاڙو لڳايو پيو وڃي انهن سڀني معاملن کي ڏسندي پيپلز پارٽي سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي ڪري رهي آهي جنهن کانپوءِ 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تي جلسو ٿيندو. وڏي وزير چيو ته اسان جا به ڪي دوست آهن پوءِ ڇا انهن تي مهربانيون ڪرڻ شروع ڪيون؟ ٻن وفاقي وزيرن چيو ته پيٽروليم ڊيلرز ڪميشن جو معاملو ڪابينا ۾ غور هيٺ آيو جنهن تي بااختيار وزيراعظم پنهنجي دوست جي حق ۾ فيصلو ڏنو. وفاقي ڪابينا ۾ وزيراعظم جي دوست سندن داٻا ڏنا ان تي ڇا ٿيو؟ وزير صاحب انهن کي چئي رهيو آهي ته اسان جي ڪميشن وڌائي وڃي نه ته پيمانو گهٽ ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن حڪومت جي فيصلن ڪرڻ جو اهو حال آهي جنهن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. ڇا هاڻي فيصلا بريفنگ بدران ڪنهن دوست جي مشوري تي ٿيندا؟ حڪمران قانون کي ڪجهه نٿا سمجهن. آفيسرن جي بدلي تي راند کيڏي پئي وڃي. وفاق کي مخاطب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آفيسرن ذريعي اسان سان کيڏي نٿو سگهجي. يونيفارم آفيسر بغير ريليو ڪرڻ جي هليو ويو جنهن کي ڳولي رهيا آهيون، صوبي ۾ افراتفري پيدا ڪئي پئي وڃي، انهن کي کليل چئلينج آهي ته توهان چيف سيڪريٽري کي ٻڌائي بنا ڌمڪيون ڏئي صوبي کي نٿا ڇڏي سگهو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان مڪاني ادارن واري نظام ۾ انا جو شڪار ناهيون، ان کان اڳ به مڪاني ادارن واري نظام ۾ اڪثريت ناظمن جي اسان جي هئي، هن ڀيري جيڪڏهن ڪو شخص ايندو ته اهو به اسان جو ايندو. هن چيو ته هو پوليس قانون ۾ سڌاري لاءِ متفق آهي، صوبي جي بهتري لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان شو آف هينڊ تي اپوزيشن جي ڳالهه کي مڃيو، هڪ شخص گهيرو ڪري ڌمڪيون ڏنيون، اهڙيون ڳالهيون ڪيتريون ئي ٻڌي چڪا آهيون اهو رويو اوهان سان ماضيءَ ۾ به رهيو آهي جيڪو اسان ڏٺو آهي، افسوس جي ڳالهه آهي لسانيات تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. اسان جا بزرگ سعودي عرب مان آيا آهن پر جڏهن هتي رهون ٿا ته پاڻ کي سنڌي سڏايون ٿا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن شهر جي ڪابه سرحد نه آهي ۽ هتي روزانو هزارين ماڻهو اچي آباد ٿين ٿا. هتي رهندڙن يعني مون تي يا ڪنهن ٻئي تي الزام هڻڻ مناسب ناهي جيڪڏهن اسان جا بزرگ ٻين ملڪن مان آيا آهن ته اهو ڪوڙ ۽ بي بنياد آهي، اسان لسانيات کي نٿا مڃون. اسان جا بزرگ هتي تڏهن آيا جڏهن اهي ڄاوا به نه هئا، اسان جيڪو آرڊيننس آندو آهي ان ۾ اڳوڻن ججن کي به شامل آهي هڪ وڏو ڪانسٽيٽيوشن ايوي ايشن جنهن تي 17 ارب ڏنڊ لڳايو ويو، جيڪڏهن اميرن لاءِ هڪ قانون ۽ غريب لاءِ ٻيو قانون آهي ته اهو صحيح ناهي. آئون چوان ٿو ته جيڪڏهن مراد علي شاهه نسلا ٽاور جو ذميوار آهي ته کيس سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي اهو طئي ڪرڻ گهرجي ته ڏوهي ڪير آهي. ان معاملي تي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ ان جو تعين ڪيو وڃي، قانون هڪ پاسائون ٿيڻ بدران برابري تي لاڳو ٿيڻ گهرجي، جنهن ڏوهه ڪيو آهي ان کي سزا ملڻ گهرجي. نسلا ٽاور جي رهواسين جو ڪهڙو قصور آهي؟ جيڪو به ذميوار آهي ان جو پاسو نه وٺڻ گهرجي. گورنر جو آئيني حق آهي ته 15 ڏينهن کانپوءِ اعتراض موڪلينسو جنهن جو اسان حل ڪڍنداسين. وزيراعظم جي دعوت پوسٽ ذريعي ملي، پروگرام بابت نه ٻڌايو ويو، ٽائيم 2 وڳي ڏنو ويو آهي جنهن وقت جمعي جي نماز ٿيندي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پهريان مون کي ڪي سي آر تي گهرايو ويندو هو مون کي ان وقت ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي. جيڪڏهن مون کي هن دعوت تي ڳالهائڻ جي اجازت ملي ته آئون ڪندس. گرين لائين جو افتتاح ٻه ڀيرا ٿي چڪو آهي. هن چيو ته 2015ع ۾ ميان نواز شريف چيو هو ته اهو هڪ سال اندر مڪمل ٿي ويندو وري 2016ع ۾ چيائين ته اها اسڪيم ٿي وئي آهي – پر اڃا تائين نه ٿي آهي. مون ريڊ لائين اسڪيم کي هتي ويهي منظور ڪيو  جنهن تي ارب جو ناڻو لڳندو، مون کي ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان اڃا تائين ڪا به خريداري نه ڪئي وئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *