مون گارڊن ڪيس: سنڌهاءِ ڪورٽ پوليس کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو، بلڊر جي گرفتاري جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ هاء ِڪورٽ مون گارڊن ڪيس بابت پوليس کي 18 نومبر تائين ڪارروائي ڪرڻ کان روڪيندي رهاڪن جي ڌر بڻجڻ واري درخواست به منظور ڪري ڇڏي. ذريعن مطابقسنڌ هائيڪورٽ موڳن گارڊن ڪيس جي رهاڪن کي وقتي رليف ڏئي ڇڏيو، عدالت مون گارڊن جي سمورين ڌرين کي 18 نوممبر تي گهرائيندي بلڊر کي گرفتار ڪرڻ ۽ آئي جيسنڌ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس ۾ ملوث سڀني ادارن کي نوٽيس موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته پوليس کي مون گارڊن ڪيس ۾ 18 نومبر تائين ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت مون گارڊن  جي رهاڪن جي ڌر بڻجڻ بابت درخواست به منظور ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي سنڌ هائيڪورٽ پاران وقتي رليف جي خبر ملندي ئي عدالت ۾ موجود متاثرن جي مک تي خوشي جي لهر اچي وئي، جڏهن ته متاثرن احتجاج ختم ڪندي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃڻ شروع ڪيو ۽ احتجاج ختم ٿيڻ کانپوءِ روڊ کي ٽريفڪ لاءِ کولي ويو ۽ پوليس به واپس هلي وئي. متاثرن جو چوڻ هو ته اسان سڀ گذريل 4 ڏينهن کان هتي ويٺا آهيون پر اڄ عدالت جي حڪم کان پوءِ سک جو ساهه کنيو آهي پر اڃان وڏيڪ خوشي تڏهن ٿيندي جڏهن عدالت 18 کانپوءِ به اسان جي حق ۾ فيصلو ڏئي. هوڏانهن پوليس پنهنجي ناڪامي ظاهر ڪندي چيو ته اسان بلڊرز کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *