مون کي ڪجهه ٿي وڃي ته ڪارڪن تحريڪ کي زنده رکن: الطاف حسين

ڪراچي (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين چيو آهي ته حڪمران پنهنجي صفن جو جائزو وٺن ڪوڙا الزام هڻي جيل اماڻي سگهجي ٿو تقريرن تي پابندي به لڳي سگهي ٿي ۽ مون کي قتل به ڪيو ويندو ايم ڪيو ايم حيدرآباد جي زونل ڪميٽي جي ميمبرن ۽ عورت ميمبرن سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي الطاف حسين چيو ته ايم ڪيو ايم عوام کي بنا فرق حق ڏيارڻ جي جدوجهد ڪري رهي آهي هن ملڪ جي خلاف نه پر ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف ڳالهه ڪئي کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جيل به اماڻي سگهجي ٿو سندس تقريرن تي پابندي به لڳي سگهي ٿي کيس مافياز جي ذريعي قتل به ڪري سگهجي ٿو الطاف حسين چيو ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي ڪائي نه ڪائي سازش ٿيندي رهندي آهي ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ لاءِ ٽارگيٽ ڪلنگ، اسٽريٽ ڪرائيم، اغوا ۽ ڌاڙن جي واقعن جو الزام ايم ڪيو ايم مٿان مڙهيو وڃي ٿو خواجه آصف جي بيان تي چوڌري نثار ڪجهه نه چيو هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ان جي خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ ان تي ڪوڙا الزام مڙهيا پيا وڃن الطاف حسين ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿي وڃي ته اهي تحريڪ کي زنده رکن مهاجرن ۽ مظلومن جي حقن جي تحريڪ جاري رکن ۽ قانون هٿ ۾ نه کڻن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *