مون کي ئي چاهيندو رهه پر شادي نه ڪنديس: سني ليون جو مداح کي جواب

نئين دهلي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا سني ليون پنهنجي هڪ مداح لاءِ دعا ڪئي آهي ته کيس سٺي زال ملي.انسٽاگرام تي سني ليون هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ اداڪارا کي هڪ مداح جو هٿ ڏيکاريندي ڏسي سگهجي ٿو.سني ليون ڪيمرا ۾ مداح جو هٿ ڏيکاريندي ٻڌايو ته سندس ٻانهن تي سني ليون جو نالو لکيل آهي ۽ دليون ٺهيل آهن.وڊيو شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ سني ليون لکيو ته اميد آهي ته تون مون کي ائين ئي چاهيندين، دعا آهي ته توکي سٺي زال ملي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *