مون مٿان ٿيل فائرنگ واري واقعي جو سيڪيورٽي  معاملي سان ڪو واسطو نه آهي: وسيم اڪرم

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار الرائونڊر وسيم اڪرم جو چوڻ آهي ته سندس مٿان فائرنگ وارو واقعي جو سيڪيورٽي  معاملي سان ڪو واسطو نه آهي۽ آئون پنهنجي گهر ۾ محفوظ آهيان. اربع واري ڏينهن ڪراچي جي ڪارساز روڊ تي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم سان حادثو پيش آيو، جنهن دوران هڪ گاڏي سندس گاڏي کي ٽڪر هنيو، جنهن بعد وسيم اڪرم گاڏي مان لهي ساڻس ڳالهائڻ جو ڪوشش ڪئي ته ٻنهي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. سخت جملن جي ڏي وٺ بعد وسيم اڪرم جي گاڏي کي ٽڪر هڻندڙ گاڏي مان گارڊ لٿو ۽ هن ڪاوڙ ۾ فائرنگ شروع ڪئي ۽ وسيم اڪرم جي گاڏي جي ٽائرن ۾ فائر ڪرڻ بعد گاڏي ۾چڙهي  فرار ٿي ويو. اهڙي واقعي بعد وسيم اڪرم جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ پوليس جي وڌيڪ نفري هاڻي وسيم اڪرم سان گڏ هوندي. نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم۾ جاري فاسٽ بالنگ ڪيمپ ۾ وسيم اڪرم جي نگراني هيٺ جاري ٽريننگ ڪيمپ جي سيڪيورٽي پڻ وڌائي وئي آهي. ميِڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم جو چوڻ هو ته آئون پنهنجي سمورن مداحن جو ٿورائتوآهيان، جن منهنجي وڏي عمر جون دعائون گھريون. هن چيو ته اربع واري شام پيش آيل واقعي بعد حالتن کي بهترانداز سان سنڀاليوويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *