مون سان به شهيد ڀٽو جيان غداري ڪئي وئي، سازشن کان ڊڄڻ وارو ناهيان: بلاول ڀٽو

حيدرآباد (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن جن کي چاچو سمجهيو انهن سندس ساٿ ڇڏي ڏنو ۽ ساڻس به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وانگر غداري ڪندي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پارٽِي کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. هن چيو ته بدين جي رهواسين کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي عوام جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ادارا گهري ننڍ ستل آهن ۽ انهن ماڻهن کي ڪير روڪڻ وارو ناهي پر مان شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ آهيان ۽ اهڙن ماڻهن کان ڊڄڻ وارو نه آهيان جيڪو شخص بينظير ڀٽو کي ڀيڻ چوندو هو، اڄ اهو مخالفن سان گڏ آهي ۽ اهو مخالفن جي ڪڇ ۾ ويٺو آهي ۽ ان پ پ پ کي بدين ضلعي مان ختم ڪرڻ جو سوچيو آهي پر مان کيس ٻڌائڻ گهران ٿو ته پ پ پ غريبن جي دلين ۾ سمايل آهي، جيڪا نسلن تائين منتقل ٿيندي رهندي ۽ ان جي محبت ختم نٿي ٿي سگهي. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن ضلعي بدين ۾ الله والا چوڪ تي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بدين جي عوام جهڙي طرح شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شاندار آجيان ڪئي هئي ائين ئي اڄ منهنجي به تاريخي آجيان ڪئي آهي جنهن لاءِ مان سندن تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ڇڏيل مشن کي عوام جي مدد سان مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ماضي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بدين کي ضلعي جو درجو ڏنو هو ۽ ضلعي ۾ ڪاليج، بجلي، گئس ۽ ٻيون بي مثال ترقياتي اسڪيمون ڏنيون ويون. ان کان علاوه محترمه بينظير ڀٽو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪري غريب عوام جي گهرن جو چلهو ٻاريو. هن چيو ته مان عوام ۽ عوام مون سان گڏ آهي ۽ کين ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته چاچو عمران خان چوي ٿو ته مونکي سياست نٿي اچي ۽ مان کيس ٻڌائڻ گهران ٿو آئون پنهنجي ننڍي ڄمار ۾ جلاوطن به رهيس ۽ پنهنجي والد کي جيل ۾ قيد ۽ سندس ڪٽيل زبان به ڏٺم جڏهن ته پنهنجي امڙ کي ان ملڪ لاءِ قربان ٿيندي به ڏٺو پوءِ به چاچو عمران چوي ٿو ته مونکي سياست نٿي اچي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو وڏن وڏن آمرن سان مقابلو ڪيو ۽ انهن کي کي شڪست ڏئي وڏا وڏا بت ڪرائي ڇڏيا. هن چيو ته سياست عوام جي حمايت ۽ سندن خدمت سان ٿئي ٿي جيڪا اسانجي رت ۾ شامل آهي ۽ اسين سياست کي عبادت سمجهندا آهيون. هن عوامي پرجوش نعرن جو جواب ڏيندي چيو ته 19 نومبر تي بلدياتي چونڊن ۾ تير تي ٺپو هڻي شهيد محترمه بينظير کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته 19 نومبر تي تير ئي تير هلندو مرزا يا ڪو ٻيو نه هلندو. هن آخر ۾ اهو نعرو هڻندي پنهنجي خطاب جي پڄاڻي ڪئي ته يا ا لله يارسول بينظير بي قصور. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير اطلاعات ۽ تعليم نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير اعجاز جکراڻي، ايم اين اي شگفته جماڻي، صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، اڳوڻي سينيٽر ياسمين شاهه، ڊاڪٽر خالده مينڌرو، اڳوڻي صلاحڪار اطلاعات جميل سومرو، ايم اين اي سردار ڪمال خان چانگ، ايم پي اي نواز چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *