مونکي ٻه ڀيرا جنسي استحصال جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي: زرين خان

 

ڪراچي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا زرين خان ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ جنسي استحصال جو راز فاش ڪري ڇڏيو. پنڪ والا موجب زرين خان ٻڌايو ته بالي ووڊ ۾ ڪاسٽنگ ڪوچ هڪ حقيقت آهي ۽ اڪثر اداڪارائن کي پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن ان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڻ سان پيش آيل واقعن بابت زرين خان ٻڌايو ته مونکي ٻه ڀيرا جنسي استحصال جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هڪ ڀيرو هڪ ڊائريڪٽر مونکي چيو ته “فلم ۾ هڪ سين آهي ان منظر جي ريهرسل توهان مون سان ڪريو” زرين خان چيو ته مان ان ڊائريڪٽر کي سختي سان منع ڪري ڇڏيو. مان چيو ته مان ريهرسل ۾ مٺي نه ڏينديس. اها انهن ڏينهن ڳالهه آهي جڏهن مان انڊسٽري ۾ نئين هيس. جنسي هراساني جو ٻيو واقعو ٻڌائيندي زرين خان ٻڌايو ته هڪ ڀيرو هڪ شخص مونکي چيو ته هو مونسان دوستي کان وڌيڪ واسطو رکڻ چاهي ٿو. هن اها آڇ ڪئي ته جيڪڏهن مان ساڻس راضي ٿيان ٿي ته هو مونکي انڊسٽري ۾ وڌيڪ ڪم ڏياريندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *