مونال ريسٽورنٽ سيل ۽ نيوي گالف ڪورس جو قبضو وٺڻ جو حڪم، هٿياربند فوج کي قانون تي عمل ڪرڻو پوندو: عدالت

اسلام آباد: (م.ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي گادي واري شهر ۾ مارگله نيشنل پارڪ ۾ قائم مونال ريسٽورنٽ کي سيل ڪري نيوي گالف ڪورس کي اڄ ئي سي ڊي اي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله وفاقي گادي واري شهر ۾ حددخلين ۽ قبضن جي خلاف ڪيسز جي ٻڌڻي ڪئي ته بچاءُ وارو سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ سي ڊي اي چيئرمين عدالت جي سامهون پيش ٿيا. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته مارگله هلز نيشنل پارڪ تي جيڪڏهن ڪو ملڪيت جي دعويٰ ڪري ٿو ته اهو غلط آهي. نيشنل پارڪ محفوظ ٿيل علائقو آهي جيڪو وفاقي حڪومت جي ملڪيت آهي. نيوي حددخليون ڪري گالف ڪورس ٺاهيو. هٿياربند فوج کي قانون تي عمل ڪرڻو پوندو. هر شهري هٿياربند فوج جو احترام ڪري ٿو پر جڏهن هي حددخليون ڪندا ته ڪهڙو پيغام ويندو، عام ماڻهو ته نيشنل پارڪ ۾ وڃي نٿو سگهي. اهو سڀ اشرافيه جي ڪري ٿيو آهي. جڏهن حڪومت جا ادارا حددخليون نه ڪندا ته پوءِ ڪنهن ٻئي کي به همت نه ٿيندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيوي گالف ڪورس کي اڄ ئي سي ڊي اي کي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي دفاع واري سيڪريٽري کي چيو ته هاڻ ڪجهه به اهڙو نه ٿئي جيڪو بعد ۾ شرمندگي جو سبب بڻجي. چيف جسٽس چيو ته هاڻي 3 هٿياربند فوج جا سيڪٽر بڻجي چڪا آهن. انهن 3 سيڪٽرن جي ڪري ڪوبه مسئلو ڇو ٿئي، هٿياربند فوج کي ڪنهن به صورت ۾ تڪراري نه ٿيڻ گهرجي، اهو عوامي مفاد ۾ ناهي. ايئرفورس جيتريون تعميراتون ڪيون ڇا سي ڊي اي کان منظوري ورتي؟ ٿي سگهي ٿو ته ان جا ڪجهه سيڪيورٽي خدشا هجن. دفاع وارو سيڪريٽري به موجود آهي ان جا خدشا به ٻڌي وٺو ۽ قانون تي سختي سان عمل ڪرايو. اسلام آباد مارگله هلز ملٽري فارمز جي ملڪيت ناهي پر وفاقي حڪومت جي ملڪيت آهي. عدالت چيو ته مارگله نيشنل پارڪ جي 8 هزار ايڪڙ زمين تي ملٽري ڊائريڪٽوريٽ جي ملڪيت ختم ٿي چڪي. 1910 جو نوٽيفڪيشن ختم ٿي چڪو هاڻ 1979 جي قانون تحت عمل ٿيندو. هي اسٽيٽ لينڊ آهي. مارگله نيشنل پارڪ جي نالي نوٽيفائي ٿي چڪي. ٻڌڻي دوران سي ڊي اي جي چيئرمين عدالت ۾ چيو ته هر اداري ڪنهن نه ڪنهن هنڌ حددخليون ڪرايون آهن جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هاءِ ڪورٽ ته ڪي به حددخليون ناهن ڪرايون، جيڪڏهن ائين آهي ته هتان کان ئي شروعات ڪريو، جڏهن ادارا حددخلين کان هٽي ويندا ته ٻيو ڪير به جرائت نه ڪندو. عدالت وڌيڪ چيو ته اسان سڀني کي شرم اچڻ گهرجي ته يونان مان ماڻهو اچي ماحول کي بچائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو، جنهن بعد عدالت چيف ڪمشنر اسلام آباد کي اڄ ئي مونال کي سيل ڪرڻ ۽ سي ڊي اي کي نيوي گالف ڪورس جو قبضو اڄ ئي وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *