مولانا ڊگهي عرصي لاءِ اسلام آباد ۾ ويهڻ پيو اچي، کيس اهڙو ويهاربو جو هو ڪڏهن اُٿي ڪو نه سگهندوۡ شيخ رشيد/فيصل واوڊا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا جو چوڻ آهي ته مولانا صاحب چوي ٿو ته هو ڊگهي عرصي لاءِ اسلام آباد ۾ ويهڻ پيو اچي، اسان هن کي اهڙو ويهارينداسين جو هو ٻيهي اُٿي ئي ڪو نه سگهندو. ڪراچي ۾ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته حڪومت کي مولانا فضل الرحمان جو بي صبري سان انتظار آهي. سندس چوڻ هو ته ڌرڻي وارن جي لاءِ کاڌو ۽ ڪنٽينر جو بندوبست ڪرڻ کان پهرين مولانا صاحب جي لاءِ باٿ روم جو انتظام ضروري آهي، حڪومت اڊيالا جيل ۽ اٽڪ جيل ۾ ايڪسرسائز مشين رکي رهي آهي جيئن وزن گهٽ ڪرڻ جو به ڪو بندوبست ٿي وڃي. ان موقعي تي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته اسلام آباد مان هليس ته خبرون مليون هيون ته مولانا صاحب راضي ٿي ويو آهي، خبر ناهي ته 24 ڪلاڪن ۾ اهڙو ڇا ٿيندو پر اِهو واضح ٿيو ڪيان ته 27 آڪٽوبر خوش اسلوبي سان گذرندو. هن چيو ته 5 ڄڻن کي وزير اعظم ٻاهر ڪري ڇڏي ته سڄو ڌرڻو ختم ٿي ويندو پر عمران خان ڌرڻو برداشت ڪندو پر هن کي ڇڏيندو نه. ريلوي واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اڄ زرداري ۽ بلاول جي سياست مختلف آهي ۽ شهباز شريف ۽ نواز شريف جي سياست مختلف آهي، مون کي پورو يقين آهي ته شهباز شريف ان لانگ مارچ جو حصو نه بڻجندو. شيخ رشيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ جي معيشت هلي پئي آهي مهانگائي، بلنگ ۽ جيڪو واپاري طبقو ڳالهائي رهيو آهي ان جي عمران خان کي خبر آهي ۽ ان جو نقصان به هن سياست کي ٿي رهيو آهي.

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد دعويٰ ڪئي آهي ته لاهور ۾ جيل مان هڪ صاحبزادي وٽان پڪڙيل موبائل مان زبردست معلومات حاصل ٿي آهي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مون کي اطلاع هئا ته مولانا فضل الرحمان احتجاج نه ڪرڻ تي راضي هو، 24 ڪلاڪن ۾ ڇا ٿيو سمجهه ۾ نه ٿو اچي، هن چيو ته ڪرپٽ سياستدانن ملڪ کي ڦريو ۽ لٽيو، عمران خان هن ملڪ کي ٻڏڻ کان بچايو آهي، شيخ رشيد چيو ته مون کي پوري اميد آهي ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو، عمران خان جي قيادت ۾ حالتون ۽ معيشت بهتر ٿيندي، هن چيو ته صرف 5 ماڻهن کي اين آر او ڏيڻ جو معاملو آهي، جهڙي ڏينهن اين آر او مليو ته سڀ تحريڪون ختم ٿي وينديون، هُن انڪشاف ڪيو ته لاهور جيل ۾ هڪ صاحبزادي وٽان موبائل پڪڙي وئي آهي، عورت وٽان پڪڙيل موبائل مان زبردست انفارميشن حاصل ٿي آهي، جيڪي ماڻهو رابطي ۾ هئا سڀني ماڻهن متعلق موبائل فون رڪارڊ موجود آهي، شيخ رشيد پنهنجي دعويٰ ۾ ڪنهن جو نالو ناهي ورتو پر هن وقت مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صاحبزادي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهي. وفاقي وزير چيو ته اڄ بلاول ۽ زرداري جي سياست مختلف ۽ نواز شريف و شهباز جي سياست مختلف آهي، ن ليگ جا ٻه ٽڪرا ٿي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *