مولانا مسعود اظهر جي گرفتاري هاڪاري وک آهي: ڀارت

نئين دهلي (م.ڊ) ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڪاس سوراپ چيو آهي ته پاڪستان ۾ مولانا مسعود اظهر جي گرفتاري هاڪاري وک آهي،پاڪستان ۽ ڀارت گڏيل طور تي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات روڪڻ تي هڪ راءِ آهيون.ميڊيا کي وضاحت ڏيندي ڀارتي ترجمان چيو ته مسعود اظهر جي گرفتاري جي باقائدا ڄاڻ ناهي ملي،جيش محمد جي خلاف پاڪستان ۾ ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي ۽ پاڪستان پاران مولانا مسعود اظهر جي گرفتاري جي حوالي سان جاري بيان جي آجيان ڪيون ٿا.اسان پٺاڻ ڪوٽ حملي جي حوالي سان پاڪستان کي ثبوت ڏئي ڇڏيا آهن ۽ اميد ڪيون ٿا ته پاڪستان سڀني ٽولن خلاف ڪارروائي ڪندو. هن چيو ته پاڪستان پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ جي حوالي سان ٽيم موڪلڻ جي ڳالهه ڪئي آهي،جيڪڏهن پاڪستاني ٽيم ڀارت ايندي ته آجيان ڪنداسين.پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ ۾ پاڪستان سان پورو سهڪار ڪنداسين.پاڪ ڀارت ڳالهين جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته نوازشريف پاڙيوارن سان سٺا ۽ دوستاڻا لاڳاپا رکڻ چاهي ٿو،پاڪ ڀارت ڳالهيون ري شيڊيول ٿي چڪيون آهن ۽ ٻئي ملڪ گڏيل طور تي پرڏيهي سيڪريٽرين وارين ڳالهين رڪجڻ تي هڪ راءِ آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *