مولانا فضل الرحمان حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ استعيفائن واري معاملي تي وڌيڪ ڪردار ادا ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) جـَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ استعيفائن واري معاملي تي وڌيڪ ڪردار ادا ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته جيڪا ذميواري ڏني هئي، اها پوري ڪئي آهي، وزيراعظم هاڻي پاڻ ڪردار ادا ڪري. پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ ايم ڪيو ايم جي استعيفائن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان حج تي وڃڻ سبب حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ استعيفائن واري معاملي تي وڌيڪ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ کان معذرت ڪئي. مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت کيس جيڪا ذميواري ڏني هئي، هن پوري ڪئي آهي، وزيراعظم نواز شريف کي هاڻي ايم ڪيو ايم جي استعيفائن واري معاملي تي پاڻ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف حڪومت پاران متحده کي پرچائڻ جون ڪوششون ڪرڻ تي فضل الرحمان جو ٿورو مڃيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *