مولانا فضل الرحمان جي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات،عورتن جي تحفظ وارو بل واپس وٺڻ جو مطالبو

لاهور (م.ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري پنجاب اسيمبلي مان عورتن جي تحفظ بابت منظور ٿيل بل واپس وٺڻ جو مطالبوڪيو آهي، وزيراعظم نواز شريف جي يو آئي(ف) جي سربراهه کي لاهور جي جاتي عمره ۾ ملاقات جي دعوت ڏني هئي،جيڪا هن منظور ڪئي، جاتي عمره ۾ وزيراعظم ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ ٿيل ملاقات دوران پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف به موجود هو، ذريعن مطابق مولانا فضل الرحمان ملاقات دوران وزيراعظم نواز شريف سامهون عورتن جي تحفظ وارو بل منظور ڪرائڻ جي شڪايت ڪئي ۽ چيو ته وڏو وزير شهباز شريف اهو بل منظور ڪرائڻ کان پهرين ساڻن ڳالهائي وٺي ها ته بهتر هو پر بل پاس ڪرائڻ کانپوءِ وڏو وزير چوي ٿو ته ترميم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کي چيو ته  توهان ڄاڻايل بل بابت عالم سڳورن کان راءِ وٺو ته ڇا اهو بل قرآن ۽ سنت جي خلاف آهي يا نه؟ اسان توهان جي نوٽيس جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته پنجاب حڪومت بنا دير اهو بل واپس وٺي، ذريعن مطابق وزيراعظم نواز شريف،مولانا فضل الرحمان کي پڪ ڏياري ته حڪومت ان معاملي تي کين اعتماد ۾ وٺندي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هن وزيراعظم نواز شريف سان سندس دعوت تي ملاقات ڪئي، هن چيو ته هن ملاقات دوران وزيراعظم سامهون عورتن جي تحفظ واري بل بابت پنهنجا اعتراض پيش ڪيا ۽ احتجاج به رڪارڊ ڪرايو.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *